خيرپور (رپورٽر) خيرپور لڳ ٽنڊومستي باءِ پاس وٽ روڊ ڪراس ڪندڙ پيرسن عورت شاهل چانڊيو ڪار جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن عورت دم ڏئي ڇڏيو.
ھڱورجا واسي پورهيت نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو
ھڱورجا(ن پ ا) ھڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام، ھڱورجا جي لونگ خان سھتو جو رھواسي نوجوان شاھد رضا سھتو ولد صوفي بخشل سھتو ڪجھه ڏينھن اڳ دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ شديد زخمي ٿي پيو ھيو جيڪو دبئي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي، فوتي نوجوان جي والد صوفي بخشل سھتو ٻڌايو پٽ دبئي ۾ پورھيو ڪندو ھيو اتي روڊ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو جيڪو زخمن جا سور ن سھندي فوت ٿي ويو آھي.
خيرپور ۾ جسقم پاران سول اسپتال انتظاميا خلاف ڌرڻي جو اعلان
خيرپور (رپورٽر) جسقم تعلقي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري زيد ڦلپوٽو سول اسپتال خيرپور جي ايم ايس خلاف ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. زيد ڦلپوٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ايس سول اسپتال کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهي سڄي اداري کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب غريب مريض سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اڄ اسين هڪ مريض کي سول اسپتال کڻي آياسون، جتي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين دربدر ٿياسون، پر افسوس جو اسپتال ۾ هڪ به سيزر مشين موجود ناهي، جنهن سبب مريض کي شديد تڪليف پهتي. زيد ڦلپوٽو وڌيڪ اعلان ڪندي چيو ته جسقم طرفان 9 فيبروري تي تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو، جنهن دوران سول اسپتال خيرپور جو مين گيٽ بند ڪيو ويندو.
دادو ۾ فائرنگ، پيٽ ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان مرڻينگ، سيوهڻ منتقل
دادو (رپورٽر) دادو شهر ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد اندر ريلوي لائين وٽ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو. زخمي نوجوان کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي زخمي نوجوان جي سڃاڻپ مجاهد ولد هاشم عالماڻي طور ٿي آهي اسپتال جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب نوجوان کي پيٽ ۾ گوليون لڳل آهن، جنهن سبب سندس جسم مان تمام گهڻو رت وهي چڪو آهي، جڏهن ته حالت انتهائي نازڪ قرار ڏني وئي آهي.ڊاڪٽرن طرفان ابتدائي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ زخمي نوجوان کي وڌيڪ علاج لاءِ ايمبولينس ذريعي دادو مان سيوهڻ منتقل ڪيو ويو ، جتي کيس سخت نگراني هيٺ علاج مهيا ڪيو پيو وڃي هوڏانهن زخمي نوجوان مجاهد عالماڻي پنهنجي بيان ۾ الزام لڳايو آهي ته مٿس شبو چانڊيو نالي شخص بنا ڪنهن جواز جي سڌي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب هو شديد زخمي ٿيو.
ڪنري جي ڀيل برادري جو سرن جي بٺي مالڪن خلاف مظاهرو
عمرڪوٽ (رپورٽر) ڪنري جي ڀيل برادري جو ظلم ۽ ڏاڍ خلاف پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو احتجاجي مظاھرو سخت نعريبازي انصاف جي گھر ڪئي، گووند ڀيل ڍولو ڀيل مولو ڀيل پريم ڀيل نيامت ڀيل ريشمان ۽ پٺاڻي ڀيل ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي، سرن جي بٺي مالڪ ۽ ٻين خلاف ڀيل برادري احتجاجي مظاھرو ڪري گو افغاني گو جا نعرا هنيا هنن انصاف جي گهر ڪئي.
ڪنڌڪوٽ ۾ پينشن نه ملڻ خلاف رٽائرڊ ملازمن جو بينڪ جي گيٽ آڏو ڌرڻو
ڪنڌڪوٽ(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ نيشنل بئنڪٻاهريان ٽريزري خلاف پينشنرز احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، نيشنل بئنڪ جي مين گيٽ آڏو احتجاج ڪندي لياقت باجڪاڻي.حسين بخش.حاجي محمد ڀيو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسين نيشنل بئنڪ آياسين پينشن وٺڻ نيشنل بئنڪ عملي جو چوڻ آهي ته ٽريزري وارن اڃا تائين اڪائونٽن ۾ پينشن منتقل ناهي ڪئي.ٽريزري عملو ڪنڌڪوٽ ٽريزري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،شڪايتن باوجود ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته رولڙي کان بچائي پينشن جاري ڪئي وڃي.