خيرپور ۾ جرڳو، نوجوان جو خون ثابت: 40 لک رپيا ڏنڊ

خيرپور ۾ جرڳو، نوجوان جو خون ثابت: 40 لک رپيا ڏنڊ

خيرپور(رپورٽر) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ ۾ 7 سال اڳ قتل ٿيل نوجوان عرفان ڦلپوٽو جي خون جو جرڳو ڪيو ويو، جرڳي ۾ جوابدار ڌُر مٿان خون جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي 40 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته  فريادي ڌُر ڏنڊ جي رقم موقعي تي ئي جوابدار ڌُر کي معاف ڪري ڇڏي، ذريعن موجب نوجوان عرفان ڦلپوٽو جي خون جو جرڳو طاهر امتياز ڦلپوٽو ۽ عتيق الرحمان ڦلپوٽو جي سرپئنچي هيٺ ٿيو، فيصلي ۾ ڳالهين دوران نوجوان عرفان ڦلپوٽو جي خون جو ڏوھه امتياز ڦلپوٽو واري ڌُر مٿان ثابت ٿيڻ بعد فيصلي جي سرپئنچن جوابدار ڌُر مٿان 40 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو، جنهن بعد فريادي ڌُر رستم ڦلپوٽو ۽ وقار ڦلپوٽو ڏنڊ جي مقرر ڪيل رقم جوابدار ڌُر کي ٿڏي تي ئي معاف ڪري ڇڏي، سرپئنچن موجب معاملي دوران فريادي ڌر جا خرچ آيل 5 لک رپيا جوابدار ڌر کان فريادي ڌُر کي ڏيارايا ويا، واضح رهي ته 7 سال اڳ جوابدارن گهرو معاملي تان نوجوان عرفان ڦلپوٽو کي گوليون هڻي قتل ڪيو هيو.