| خيرپور ۾ جشنِ آزادي جي موقعي تي هاڪي جي نمائشي ميچ |
خيرپور (اسپورٽس نيوز) جشنِ آزادي جي تقريبن جي سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسيئيشن خيرپور جي اهتمام هيٺ بخت علي ڏهوٽ هاڪي اسٽيڊيم ۾ خيرپور ۽ سکر جي ٽيمن وچ ۾ نمائشي هاڪي ميچ کيڏي وئي. دلچسپ مقابلي ۾ خيرپور جي ٽيم سکر کي 5-3 گولن تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي. ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن سٺي راند جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته خيرپور جي گول ڪيپر علي رضا شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ڪيترائي گول بچايا. تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ هاڪي ايسوسيئيشن خيرپور جي سيڪريٽري عرفان علي ڏهوٽ، خزانچي غلام مرتضيٰ ۽ ٻين راندين سان لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عرفان علي ڏهوٽ چيو ته جشنِ آزادي جي موقعي تي اهڙين راندين جو مقصد نوجوانن ۾ حب الوطني، اتحاد ۽ قومي راند هاڪي ڏانهن لاڙو وڌائڻ آهي. هن چيو ته مستقبل ۾ به هاڪي جي واڌاري ۽ نوجوان رانديگرن جي همٿ افزائي لاءِ اهڙا ايونٽ جاري رکيا ويندا.