خيرپور ۾ حادثو، عورت فوت، 5 ڄڻا زخمي
جُون 19, 2025
خيرپور (پنهنجي ڊيسڪ) خيرپور ۾ ٽرڪ جو ڪارگو کي ٽڪر، هڪ عورت فوت، چار عورتن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو
ايراني اسپتال ڀرسان پراڻي قومي شاهراهه تي ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪارگو تي سوار 50 ورهين عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته زاهد علي پٽ شاهن پهوڙ، 8 سالا عضمي ڌيءَ منظور پهوڙ، رخسانا زال گلزار پهوڙ، ناديه ڌيءَ غلام اڪبر پهوڙ ۽ مسمات بچائي زال غلام سرور پهوڙ زخمي ٿي پيا
واقعي بعد فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو جتي زخمين جو علاج جاري آهي
ٻڌايو پيو وڃي ته ڪارگو تي 20 کان 25 ماڻهو عورتن ۽ ٻارڙن سميت سوار هئا جيڪي شڪارپور ۾ شاديءَ کان واپس اچي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو.