خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ ريڙها مزدور يونين جي صدر شهباز ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ ميونسپل ڪميٽي جي من پسند انڪروچمنٽ واري عمل خلاف پنجگلا چوڪ کان ڊي سي آفيس تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن کي خطاب ڪندي شهباز ڦلپوٽو چيو ته ميونسپل ڪميٽي صرف ريڙهن وارن کي تنگ ڪري رهي آهي، جڏهن ته پنجگلي تي رڪشا بيٺل آهن ۽ هر دڪاندار پنهنجا صندل دڪانن جي اڳيان رکي ويٺو آهي، پر اها انڪروچمنٽ کين نظر نٿي اچي. ريڙهن وارن کان پنجاهه رپيا وصول ڪيوپيو وڃيان جي باوجود به ريڙهن کي زبردستي هٽايو وڃي ٿو.
ڀنگوبهڻ ۾ بي آءِ ايس پي جي قسط مان ڪٽوتي، مستحق عورتن جون شڪايتون
ڀنگو بهڻ (ن پ ا) ڀنگو بهڻ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بي آءِ ايس پي قسط مان ناجائز ڪٽوتي بند نه ٿي سگهي، ان حوالي سان مستحق عورتن چيو ته ايجنٽ هر قسط مان چار کان پنج هزار روپيا ناجائز طور ڪٽوتي ڪن ٿا، شڪايتن باوجود ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي رقم مان ڪٽوتي بند ڪرائي وڃي.
ٺٽي ۾ 7 ڏوهاري گرفتار: چوري ۽ ڦر ڪيل 20 موٽرسائيڪلون هڪ سوزوڪي هٿ
ٺٽو (رپورٽر) ٺٽو پوليس 7 ڏوھارين کيگرفتار ڪري وٽانئن چوري ۽ ڦر ڪيل 20 موٽرسائيڪلون ، ھڪ سوزوڪي پڪ اپ ، 2 پسٽل ، ھڪ ڳئون ۽ ٺٽي شھر جي ھوٽل مان چوري ڪيل ايل سي ڊي ، پاڻي جي موٽر ۽ ٻيو سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي. ان ڏس ۾ ٺٽي جي ڊي ايس پي وحيد لاڙڪ ، ڊي ايس پي واجد اڪبر عباسي ۽ ٺٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ضياد نوناري ، مڪلي ٿاڻي جو ايس ايڇ او الھوسايو نھڙي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ٺٽو مڪلي ٿاڻن جي پوليس ون فائيو جي ٽيمن سان گڏجي مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي موٽر سائيڪل چوري ۽ ڦُر ڪندڙ گينگ جي ٻن مُک جوابدارن جميل گندرو ۽ علي رضا قمبراڻي کي گرفتار ڪري سندن نشاندهي تي ڇاپا هڻي 20 موٽر سائيڪلون برآمد ڪيون ويون آھن ۽ گينگ جي رهيل جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آھي ھنن چيو ته ٺٽي شھر ۾ مختلف قسم جي چورين جون وارداتون ڪندڙ پيارو ملاح ، رياض جوکيو ، راحيل ميمڻ ، سلمان ميمڻ ۽ جاويد عباسي کي به گرفتار ڪيو ويو آھي جن وٽان ٺٽي شھر جي ھوٽل مان چوري ٿيل بيٽريون، چارجر، گئس سلينڊر، سائونڊ سسٽم، ايل سي ڊي ۽ ٻيو سامان برآمد ڪيو ويو آھي. هنن چيو ته ڏوھارين خلاف ڪاررواين دوران چوپايو مال چوري ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل هڪ ڳئون ۽ 2 پسٽل پڻ ھٿ ڪري ورتا آھن جڏھن ته مختلف ڏوهي وارداتن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آھي .