خيرپور ۾ دڪاندارن جو بدامني ۽ ڀتا خوري خلاف مارڪيٽ بند ڪري ڌرڻو

خيرپور ۾ دڪاندارن جو بدامني ۽ ڀتا خوري خلاف مارڪيٽ بند ڪري ڌرڻو

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ موبائل مارڪيٽ ايسوسيئيشن جي سڏ تي دڪاندارن بدامني، ڀتا خوري  ۽ پوليس جي زيادتين خلاف ڪاروبار بند ڪري ر علي ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ ڇٽي چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهر ۾ ڪاروباري ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پوليس دڪاندارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ بدران کين هراسان ڪرڻ ۾ مصروف آهي. ايسوسيئيشن جي صدر علي ڦلپوٽو خطاب ڪندي چيو ته تازو ڪجھه ماڻهن هٿيارن جي زور تي موبائل مارڪيٽ ۾ داخل ٿي دڪاندارن تي حملو ڪيو، مارڪٽ ڪئي. هنن چيو ته پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري امن امان قائم ڪرايو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.