خيرپور ۾ رهندڙ ترڪش فئملي جي گهر مان چوري

خيرپور ۾ رهندڙ ترڪش فئملي جي گهر مان چوري

خيرپور(رپورٽر) خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڊفينس سٽي ۾ رهائش پذير تُرڪش فيملي جي گهر مان رات دير سان اڻ ڄاتل چور روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. ڊفينس سٽي ۾ رهائش پذير تُرڪش فيملي جي گهر مان گذريل رات دير سان اڻ ڄاتل چور آئي فون موبائل سيٽ، آمريڪي ڊالر، ترڪش ليرا ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. غيرملڪي مھمت ايمن انالن پاڪ ترڪ ڪاليج خيرپور ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندو آهي. واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي گهڻ رُخي جاچ ڪري رهيا آهيون جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.