| خيرپور ۾ “ريڊيو” جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، مشاعرو، سيمينار |
خيرپور (رپورٽر) ريڊيو پاڪستان خيرپور پاران 13 فيبروري عالمي ريڊيو ڊي جي موقعي تي محفلِ مشاعرو منعقد ڪيو ويو. مشاعري جي صدارت سينيئر اديب ۽ شاعر نظام زائر ڪئي، جڏهن ته اڳوڻو پروگرام ڊائريڪٽر ڪوثر ٻرڙو، اڳوڻو ڪنٽرولر مختيار ملڪ ۽ مزاحيه شاعر مير صوبدار سعيد خاص مهمان هئا، ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر مسرت علي منگي، نظام زائر ۽ ٻين مقررن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عالمي ريڊيو ڊي ملهائڻ جو مقصد نوجوان نسل ۾ ريڊيو جي اهميت ۽ افاديت بابت شعور پيدا ڪرڻ آهي، ريڊيو قديم ۽ معتبر ذريعه ابلاغ آهي، جيڪو هميشه تحقيق ۽ حقيقت تي ٻڌل مواد نشر ڪندو رهيو آهي، مشاعري ۾ امر اقبال، محمود سومرو، ملڪا ملاح، روشن شيخ، آزاد انصاري، حبدار جاگيراڻي، پريس ڪلب خيرپور جي جوائنٽ سيڪريٽري شاهد نواز سيال، تاج سروهي، ساجد جمالي، عبدالحفيظ عباسي، فقير ڦليو، پرويز مهر، منظور خاموش ۽ ٻين نامور شاعرن ريڊيو جي موضوع تي پنهنجي شاعري پيش ڪئي. ٻئي طرف سچل سرمست لائبريري ۾ عالمي ريڊيو ڊي جي حوالي سان “اي آءِ ۽ ريڊيو” جي موضوع تي سيمينار پڻ منعقد ڪيو ويو. سيمينار ۾ ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر مسرت علي منگي، مير صوبدار، سينيئر پروڊيوسر ڪليم الله شيخ، نذير گلال، شعيب بخاري، مريم منگي، افسانه چنه،هاشم ڀٽي، صفي الله ۽ فقير ڦليو سميت ٻين مقررن چيو ته ريڊيو کي اي آءِ ذريعي جديد بڻائڻ جو ڪم جاري آهي ۽ ريڊيو جي تاريخي ۽ قديمي رڪارڊنگ کي جديد دور جي تقاضائن موجب ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي. آخر ۾ ريڊيو ڊي جو ڪيڪ ڪٽيو ويو.