| خيرپور ۾ شاپنگ سينٽر ۾ سولر مان باهه لڳي وئي، لکين رپين جو سامان سڙي ويو |
خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور شهر جي مصروف ترين علائقي مال روڊ تي واقع ڪراچي ڪلاٿ سيل ۽ شاپنگ سينٽر ۾ سولر جي بيٽري مان اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، جنهن ڪجهه ئي لمحن ۾ شدت اختيار ڪري عمارت جي مٿئين فلور کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. باهه لڳڻ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته دڪاندارن ۽ رهواسين ۾ خوف ۽ هراس جي لهر ڇانئجي وئي. واقعي جي اطلاع ملڻ شرط فائر برگيڊ جون گاڏيون فوري طور موقعي تي پهچي ويون، جڏهن ته ريسڪيو 1122 جو عملو پڻ واقعي واري هنڌ پهتو ۽ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪئي وئي پر فائر برگيڊ، ميونسپل ۽ ريسيڪيو 1122 جو عملو عمارت جو فلور پهچ کان مٿي هئڻ ڪري باهه تي مڪمل طور ڪنٽرول نه ڪري سگهيا جنهن کانپوءِ اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور الطاف حسین چاچڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر عمائمه سولنگي، ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو ۽ ٻيا عملدار واقعي واري هنڌ پهتا، مسلسل پنجن ڪلاڪن تائين جاري باهه تي ضابطو آندو ويو، ابتدائي رپورٽن مطابق هن حادثي ۾ ڪروڙين رپين جو مالي نقصان ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته شاپنگ سينٽر اندر موجود ڪپڙن، ڪاسميٽڪس ۽ ٻئي قيمتي سامان کي سخت نقصان پهتو آهي.
شاپنگ سينٽر ۾ ڪپڙو ۽ ٻيو سامان هجڻ سبب باهه شدت اختيار ڪري وئي: ميونسپل چيئرمين
خيرپور: ان موقعي تي ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو جو چوڻ هو ته واقعي جو اطلاع ملڻ شرط ئي فائر برگيڊ گاڏيون، عملو ۽ ميونسپل عملو واقعي واري هنڌ پهتا جن ڪيترن ئي ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ لڳل باهه تي 90 فيصد ڪنٽرول ڪري ورتو جڏهن ته لڳل باهه وارو فلور ڪافي مٿي هئڻ سبب ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طرفان سکر مان باهه وسائڻ واري جديد گاڏي ۽ عملو گهرائي ورتو جنهن بقايا باهه تي به ضابطو آڻي ورتو. هن چيو ته ڪراچي ڪلاٿ سيل ۽ شاپنگ سينٽر جي مٿئين فلور ۾ ڪپڙو ۽ ڪاسميٽڪس هئڻ سبب باهه شدت اختيار ڪري وئي ۽ ان دوران ميونسپل ڪاميٽي جو هڪ ملازم باهه وسائڻ واري جدوجهد ۾ هلڪو زخمي پڻ ٿي ويو جنهن کي طبي امداد جي فراهمي بعد گهر منتقل ڪيو ويو آهي.
انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو آهي، وڏو معاشي نقصان ٿيو: نفيسه شاهه
خيرپور: خيرپور شهر جي مصروف علائقي نيو ڪراچي شاپنگ مال سينٽر ۾ پيش آيل باهه جي واقعي تي پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاھ سخت نوٽيس وٺندي ضلعي انتظاميا کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاھ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته نيو ڪراچي شاپنگ مال جهڙي وڏي ڪاروباري مرڪز ۾ باهه لڳڻ انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو آهي، جنهن سان سينٽر جي مالڪ کي وڏو معاشي نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائڻ لاءِ ضلعي انتظاميا کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته جيئن اصل سببن کي سامهون آڻي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسان متاثر واپاري سان گڏ بيٺل آهيون ۽ کيس اڪيلو نه ڇڏينداسين.