خيرپور( رپورٽر) خيرپور ۾ حيسڪو جي نااهلي امتحان ڏيندڙ شاگرد کان حياتي کسي ورتي
ڊگري ڪاليج ٺيڙهي ۾ يارهين ڪلاس جو پيپر ڏيڻ دوران بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ۽ سخت گرميءَ سبب ساهه ٻوساٽجڻ سبب شاگرد مهتاب علي پٽ قربان علي ميربحر فوت، ٿي ويو
ٻڌايو پيو وڃي ته شاگرد امتحان ڏيڻ دوران گرمي لڳڻ سبب ڊيسڪ تان هيٺ ڪري پيو جنهن کي اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن هن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي
فوتي شاگرد جو لاش ضروري ڪارروائي بعد سندس گهر آندو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو