| خيرپور ۾ مبينا تشدد ۾ فوت عورت جو لاش رکي ڌرڻو: مڙس خلاف ڪيس داخل |
خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مل ڪالوني ۾ مڙس جي مبينا تشدد سبب فوت ٿيل عورت جي وارثن پاران جوابدار خلاف ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ خلاف مسلسل 8 ڪلاڪن تائين فوتي عورت جو لاش ايس ايس پي آفيس ٻاھران پراڻي قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي فوتي عورت جي وارثن مسمات گل بانو، مسمات گلشن، فياض سومرو، سائين ڏنو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن جوابدار عامر شيخ جي تشدد ۾ مسمات ريشمان سومرو فوت ٿي وئي جنهن جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو ۽ جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو پر بي سيڪشن ٿاڻي جو ايس ايڇ او جوابدار خلاف ڪيس داخل نه پيو ڪري. هنن چيو ته جوابدار کي بااثرن جي سرپرستي آهي جو پوليس به انهن جي آڏو بيوس بڻيل آهي. هنن چيو ته جوابدار عامر شيخ فوتي عورت ريشمان جو مڙس هو، عامر شيخ ريشمان مٿان مسلسل تشدد ڪندو هو ۽ گذريل ڏينهن هو تشدد جي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. ٻئي پاسي عورتن جي حقن جي تنظيم جي اڳواڻ شهناز شيخ سومرا برادري جي ڌرڻي ۾ شامل ٿي ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي. مسلسل 9 ڪلاڪن تائين جاري ڌرڻي کانپوءِ واقعي جو ڪيس فوتي عورت مسمات ريشمان جي ڀيڻ گل بانو جي فرياد تي جوابدار عامر شيخ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.