خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ نوجوان امداد حسين ڪٽوهر نئين موٽرسائيڪل نه وٺي ڏيڻ تان ڪاوڙجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي
شهر جي مصطفيٰ ڪالوني جي رهواسي نوجوان امداد حسين پٽ صدام حسين ڪٽوهر ڦاهو کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آندو، لاش سول اسپتال خيرپور مان ضروري قانوني ڪارروائي ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو
ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان امداد حسين ڪٽوهر گهر وارن طرفان نئين موٽر سائيڪل نه وٺي ڏيڻ تان گهر جي ڪمري اندر ڇت واري پکي ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪيو
فوتي نوجوان جو لاش سندس گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو