خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي ايڊيشنل ڊي ايچ او پاران آفيس سپرنٽنڊنٽ تي جعلي سازي، ڪرپشن جا الزام، ڪارروائي لاءِ اعليٰ اختيارين کي ليٽر اماڻي ڇڏيو
خيرپور ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر فلڪ شير سهتو، آفيس سپرنٽنڊنٽ امتياز مڱڻيجو خلاف ڊي ايڇ او خيرپور، سيڪيريٽري هيلٿ، ڊي جي هيلٿ، ڊائريڪٽر هيلٿ سکر، اينٽي ڪرپشن ۽ نيب ڏانهن ليٽر اماڻي ڇڏيو آهي
ليٽر ۾ اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر فلڪ شير ڄاڻايو آھي ته آفيس سپرنٽنڊنٽ امتياز مڱڻيجو اداري سان جعلسازي ڪئي آھي، هيلٿ ٽيڪنيشن طور ڀرتي ٿيل امتياز مڱڻيجو جعلسازي ڪري ڪوڙي آرڊر طور آفيس سپرنٽنڊنٽ جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي
ڊاڪٽر فلڪ شير سهتو ليٽر ۾ الزام مڙهيندي چيو آھي ته امتياز مڱڻيجو آفيس ۾ غير مهذب جملا ڳالهائيندو آهي ۽ آفيس جو ماحول خراب ڪري ڇڏيو اٿس هن ڪرپشن جي بازار گرم ڪري رکي آهي
ليٽر موجب امتياز مڱڻيجو خراب سرگرمين ۾ ملوث رهي ٿو جنهن سان هيلٿ کاتو بدنام ٿي رهيو آھي. جاري ڪيل ليٽر ۾ ڊاڪٽر فلڪ شير هيلٿ کاتي جي اعليٰ عملدارن کان امتياز مڱڻيجو خلاف محڪماتي ڪارروائي ڪرڻ جي پڻ گهر ڪئي آھي.
هوڏانهن آفيس سپرنٽنڊنٽ امتياز مڱڻيجو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڊاڪٽر فلڪ شير سهتو طرفان منهنجي خلاف لکيل ليٽر ۾ مون مٿان بي بنياد الزام مڙهيا ويا آهن جن ۾ ڪابه صداقت نه آهي، ڊاڪٽر فلڪ شير بي بنياد الزام مڙهي منهنجي ساکَ خراب ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن عمل خلاف آئون جلد عدالت سان رابطو ڪندس