| خيرپور ۾ هاڪي ٽورنامينٽ شروع، افتتاحي ميچن ۾ سخت مقابلا |
خيرپور (رپورٽر) بخت علي ڏھوٽ انٽر اسڪول هاڪي ٽورنامنٽ شروع ٿي ويو. افتتاحي تقريب جو خاص مهمان پروفيسر جاويد رسول راهپوٽو هو. افتتاحي ميچ اسلاميه ڪو-ايجوڪيشنل اسڪول لقمان ۽ گورنمينٽ مڊل اسڪول اعظم ڪالوني وچ ۾ ٿي، جيڪا انتهائي سنسني خيز مقابلي کانپوءِ اسلاميه ڪو-ايجوڪيشنل اسڪول لقمان 5-3 تان کٽي ورتي. ٻي ميچ بحريه فائونڊيشن ڪاليج خيرپور ۽ عطيا هائير سيڪنڊري اسڪول خيرپور وچ ۾ ٿي، جنهن ۾ بحريه فائونڊيشن سخت مقابلي کانپوءِ 2-1 سان ڪاميابي حاصل ڪئي. ان موقعي تي هاڪي جي شوقينن جو وڏو انگ ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم ۾ موجود هو.