خيرپور ۾ هاڪي چيمپئن شپ شروع، پهرئين ڏينهن ٻن ميچن ۾ 12 گول

خيرپور ۾ هاڪي چيمپئن شپ شروع، پهرئين ڏينهن ٻن ميچن ۾ 12 گول

خيرپور (رپورٽر) ٽين چيف آف آرمي اسٽاف انٽر ڪلب نيشنل هاڪي چيمپين شپ (صوبائي رائونڊ ٿري، سنڌ) جو شاندار افتتاح بخت علي ڏھوٽ هاڪي اسٽيڊيم ۾ ٿيو. افتتاحي تقريب جو مهمانِ خاص پروفيسر غلام اصغر سولنگي هو. افتتاحي ميچ اسلاميه هاڪي ڪلب سکر ۽ نيشنل هاڪي ڪلب سانگھڙ وچ ۾ ٿي. اسلاميه هاڪي ڪلب سکر شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي 4-1 سان ڪاميابي حاصل ڪئي. فاتح ٽيم طرفان سرفراز ٻه گول ڪيا، جڏهن ته حارث سرور ۽ شاهه زيب خان هڪ هڪ گول ڪيو. ٻي ميچ ايگل هاڪي ڪلب ميرپورخاص ۽ سچل سرمست هاڪي ڪلب لاڙڪاڻو وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ سچل سرمست هاڪي ڪلب لاڙڪاڻو 5-2 سان شاندار فتح ماڻي. ٽورنامينٽ دوران محمد اسلم خان نيازي ٽورنامينٽ ڊائريڪٽر جا فرض سرانجام ڏنا، جڏهن ته ايمپائرنگ جا فرض عبدالمنان، سيد علي عباس، زاهد علي ۽ عرفان علي ڏھوٽ ادا ڪيا. ٽيڪنيڪل آفيشلز ۾ غلام مرتضيٰ ڏھوٽ، فراز علي ڪورائي، علي رضا لاشاري شامل هئا. هاڪي جي شوقينن جو وڏو انگ اسٽيڊيم ۾ موجود رهيو.