| خيرپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، سماجي اڳواڻ نور صبا جو نوجوان ڀاءُ قتل: 2 جوابدار گرفتار |
خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳاڙهي پل ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري سياسي سماجي اڳواڻ نور صبا جي ننڍي ڀاءُ نوجوان رسالت علي راجپوت کي قتل ڪري ڇڏيو. واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا جڏهن ته اطلاع تي حد جي پوليس لاش کڻائي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جو لاش سندس گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻي طرف پوليس ڪارروائي ڪري قتل ۾ ملوث ٻن مک جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ڪارروائي دوران ٻن مک جوابدارن جاويد ولد پنجل ڌاريجو ۽ ياسر ولد الله بخش ڌاريجو کي ڪيو ويو آهي، مقتول جي ڀيڻ سياسي سماجي اڳواڻ مسمات نور صبا جي فرياد تي گرفتار ٻن جوابدارن ۽ نويد پٽ عبدالله جتوئي سميت 8 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
| ڀاءُ ڏيڍ سال اڳ پسند شادي ڪئي، ڌمڪيون ملنديون هيون: نور صبا |
خيرپور: مقتول نوجوان رسالت علي راجپوت جي ڀيڻ سياسي سماجي اڳواڻ نور صبا ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڏيڍ سال اڳ سندس ڀاءُ رسالت علي ڌاريجا برادريءَ جي ڇوڪريءَ سان عدالتي پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ان جا مائٽ فون وسيلي منهنجي ڀاءُ جي گهر واري کي فون ڪري ڌمڪيون ڏيندا هئا ته توکي ۽ تنهنجي مڙس کي مارينداسين. ھن چيو ته ڌاريجا برادريءَ جي مسلسل ڌمڪين سبب اسان چڱن مڙسن وٽ فيصلا ڪرائڻ سان گڏ ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪرائي هئي، ان جي باوجود ڌمڪين جو سلسلو بند نه ٿيو. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجو خيرپور جي چنا ڳوٺ ۾ گهر آهي، جتي خيرپور ۾ شراب جي مشهور ڊيلر جي اوطاق آهي جتان هو شراب سپلاءِ ڪندا آهن هٿيار ۽ چوريءَ جون گاڏيون رکندا آهن، ھن ٻڌايو ته گذريل هفتي بااثر جي پٽ منهنجي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي جيڪا شڪايت مون بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪئي پر بااثر هجڻ ڪري پوليس انهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي جنهن کانپوءِ زاهد خان ڦلپوٽو وٽ فيصلو ٿيو جتي ٻنهي ڌرين طرفان قرآن پاڪ کنيو ويو. ھن چيو ته منهنجو شڪ نويد جتوئي ۽ ڌاريجا برادريءَ جي ماڻهن مٿان آهي، جن گڏيل طور منصوبا بندي ڪندي منهنجي ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي. ھن چيو ته منهنجي ڀاءُ کي چار مهينن جي نياڻي آهي ۽ سندس گهر واري اميد سان پڻ آهي ظالمن منهنجي نوجوان ڀاءُ کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي.