| خيرپور ۾ ٽرالر ۽ موٽرسائيڪل ۾ خوفناڪ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، نوجوان زخمي: ڊرائيور گرفتار |
خيرپور(رپورٽر) خيرپور جي علائقي نارو ڍورو شگر مل لنڪ روڊ تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل سوارن سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ 2 نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، فوتين جي سڃاڻپ
ڳوٺ بهارو لاشاري جي رهواسين عمير لاشاري ۽ ذيشان لاشاري طور ڪئي وئي.ٻي طرف پوليس موقعي تي پهچي ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.