خيرپور ۾ چوڪيدار اسڪول بجيٽ جو نگران؟ 2 ڪامورا معطل: ڊائريڪٽر ۽ ڊي اي او کي نوٽيس    

خيرپور ۾ چوڪيدار اسڪول بجيٽ جو نگران؟ 2 ڪامورا معطل: ڊائريڪٽر ۽ ڊي اي او کي نوٽيس    

 ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ لاڳو ڪرڻ واري عمل دوران ڊيٽا جي تصديق ۾ غفلت جي نشاندهي ٿيڻ وارو معاملو، ابتدائي رپورٽ اختيارين حوالي، ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خيرپور جي ڊي اِي او آفيس جي سپرنٽينڊنٽ بنا تصديق ٿيل ڊيٽا چيف مانيٽرنگ آفيسر معرفت جمع ڪرائي: آفيس سپرنٽينڊنٽ  ۽ چيف مانيٽرنگ آفيسر ، ڊي اِي او خيرپور ۽ سکر ريجن جي ڊائريڪٽر کي شوڪاز جاري،  ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  2 ڏينهن اڳ اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ لاڳو ڪرڻ واري عمل دوران بِنا تصديق ٿيل ڊيٽا اعليٰ  اختيارين ڏانهن اماڻڻ واري معاملي جي نشاندهي ٿيڻ کانپوءِ تعليم کاتي جي اختيارين پاران ڪرايل انڪوائري رپورٽ ۾ ڊي ڊي او پاور هيڊماستر بجاءِ چوڪيدار حوالي ٿيڻ واري معاملي ۾خيرپور ضلعي جي سپرنٽينڊنٽ غلام مصطفيٰ ۽ چيف مانيٽرنگ آفيسر صدام وساڻ کي ذميوار قرار ڏنو ويو . ان حوالي سان ابتدائي جاچ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سپرنٽينڊنٽ بِنا تصديق ٿيل ڊيٽا چيف مانيٽرنگ آفيسر صدام وساڻ ذريعي اختيارين ڏانهن اماڻي وئي هئي. جيڪا سندن غفلت آهي. سپرينٽنڊنٽ ۽ سي ايم او ابتدائي جاچ ۾ ذميوار قرار ڏيڻ بعد تعليم کاتي جي اختيارين پاران کين شوڪاز جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سي ايم او صدام وساڻ کي معطل ڪرڻ لاءِ تعليم کاتي جي اختيارين پاران سروسز کاتي جي اختيارين کي سفارش اماڻي وئي آهي. ان حوالي سان تعليم کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته آفيسرن پاران گمراھ ڪندڙ معلومات جمع ڪرائي غيرذميواري جو مظاهرو ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ بابت سموري ڊيٽا فيلڊ آفيسرن کان حاصل ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان صوبائي وزير سردار شاھ چيو آهي ته جن جن آفيسرن معلومات جي تصديق ڪئي آهي انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ واري عمل ۾ ڪا به غفلت ۽ ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ خيرپور ضلعي جي اختيارين پاران اسڪول اسپيسيفڪ بجيٽ لاءِ تعليم کاتي ڏانهن اماڻيل ڊيٽا ۾ چوڪيدار کي ڊي ڊي او پاور حوالي ڪرڻ واري رپورٽ بِنا تصديق جي اماڻي وئي هئي.