| خيرپور ۾ چڪن پاڪس بيماري وگهي 5 تازا ڄاول ٻارڙا فوت |
خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ چڪن پاڪس جي شڪي وبا سبب 5 تازا ڄاول ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته بيماري ۾ مبتلا ٻين ٻارڙن کي سٽي اسپتال خيرپور جي پيس وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، صحت جي ماهرن موجب بيماري تيزي سان پکڙجڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته سرڪاري اسپتالن ۽ رورل هيلٿ يونٽن ۾ آئسوليشن وارڊ جي کوٽ سبب متاثر ٻارن جي علاج ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ان صورتحال سبب ڪيترائي والدين پنهنجن بيمار ٻارن کي سرڪاري اسپتالن مان نجي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن. ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر ذوالقرنين بوزدار موجب نون ڄاول ٻارن ۾ چڪن پاڪس گهڻو ڪري ان وقت منتقل ٿيندي آهي جڏهن ماءُ کي ولادت کان ڪجهه ڏينهن اڳ يا پوءِ اهو انفيڪشن ٿي وڃي. هن ٻڌايو ته اهڙي حالت ۾ ٻار ڪجهه ڏينهن اندر بيماري جون علامتون ظاهر ڪن ٿا ۽ جيڪڏهن بروقت علاج نه ملي ته حالت سنگين ٿي سگهي ٿي. ڊاڪٽر ذوالقرنين جو چوڻ هو ته ھن وبا ۾ منهنجي 13 ڏينهن جي نياڻي ۽ منهنجي مائٽ شعيب بوزدار جو 27 ڏينهن جو پٽ، ٻه چونڊڪو شھر۽ ھڪ ٺري ميرواهه جي تازي ڄاول ٻارڙن سميت 5 فوت چڪا آهن، ۽ ڪيترائي تازا ڄاول ٻار اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، ضلعي جي اسپتالن ۾ چڪن پاڪس جهڙي بيماري جي علاج لاءِ آئسوليشن وارڊ ۽ ٻيون ضروري سهولتون موجود نه آهن، جنهن ڪري صحت کاتي کي فوري طور قدم کڻڻ گهرجن. ذريعن موجب فوت ٿيل ٻارن جو تعلق ٺري ميرواهه، بوزدار وڏا ۽ چونڊڪو شهر سان ٻڌايو پيو وڃي. هوڏانهن سول سرجن خيرپور ڊاڪٽر رفيق منگي ٻڌايو ته کين ٻارن جي فوتگي بابت ميڊيا ذريعي ڄاڻ ملي آهي. هن ٻڌايو ته ڊاڪٽر ذوالقرنين جي پنهنجي معصوم ٻارڙي ۽ سندس هڪ عزيز جو ٻارڙو پڻ هن بيماري سبب فوت ٿي ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته واقعي بابت وڌيڪ تفصيل گڏ ڪيا پيا وڃن ۽ جلد صحت کاتي جون ٽيمون مقرر ڪيون وينديون. ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر خيرپور ڊاڪٽر برڪت علي ڪانهر پڻ نون ڄاول ٻارڙن ۾ بيماري جي واقعن جي تصديق ڪئي آهي. سندس چوڻ موجب صحت کاتي طرفان خاص ٽيمون جوڙي ورتيون ويون آهن، جيڪي متاثر ٻارن جي طبي چڪاس ڪنديون.