خيرپور ۾ ڊينگي وگهي 2 ڄڻا اسپتال داخل، انگ 8 ٿي ويو

خيرپور ۾ ڊينگي وگهي 2 ڄڻا اسپتال داخل، انگ 8 ٿي ويو

خيرپور(رپورٽر) ڊينگي ۾ مبتلا ٻن مريضن ٺري ميرواهه جي رهواسي زاهد حسين شر ۽ پير مڱيو جي رهواسي 22 ورهين جي سليم پٽ حبيب الله ڪلهوڙو کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو، ذريعن موجب سول اسپتال خيرپور ۾ ڊينگي ۾ مبتلا 8 مريض داخل آهن. ھوڏانھن سول اسپتال انتظاميا طرفان ڊينگي جي روڪٿام لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن.