خيرپور ۾ 12 ايڪڙ کان وڌيڪ اسڪول جي زمين تي قبضي جو انڪشاف

خيرپور ۾ 12 ايڪڙ کان وڌيڪ اسڪول جي زمين تي قبضي جو انڪشاف

سکر (بيورو رپورٽ) ناز هاءِ اسڪول خيرپور جي زمين تي قبضي وارو معاملو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي آئيني بئنچ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. روينيو کاتي پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل سروي رپورٽ ۾ 12 ايڪڙ کان وڌيڪ اسڪول جي زمين تي قبضي جو انڪشاف ٿيو. عدالت ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. خيرپور ۾ ٽالپور حڪمرانن جي دور ۾ قائم ڪيل ناز هاءِ اسڪول جي زمين تي قبضي واري معاملي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ داخل درخواست تي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي تي مشتمل ٻه رڪني آئيني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار امام بخش سيال عدالت کي ٻڌايو ته ڇهين ٽالپور حڪمران مير علي نواز ناز ناز هاءِ اسڪول لاءِ 79 ايڪڙ زمين عطيو ڪئي هئي. جڏهن ته هن وقت قبضا مافيا اسڪول جي 34 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي غير قانوني قبضو ڪيل آهي. ٻڌڻي دروان روينيو کاتي خيرپور پاران اسڪول جي زمين متعلق سروي رڪارڊ جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. وڪيل مطابق رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته اسڪول جي 12 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي قبضو ٿيل آهي.  ۽ اسڪول جي زمين 47 ايڪڙ آهي. درخواست گذار مؤقف اختيار ڪيو ته اسڪول جي اصل زمين 79 ايڪڙ آهي. ڊپٽي ڪمشنر پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل لکت جواب ۾ ٻڌايو ويو ته اسڪول جي زمين تي قبضو ڪندڙ ماڻهن کي فوري طور قبضو ختم ڪرڻ جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن۔ عدالت ڌرين جا موقف ٻڌڻ بعد ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.