خيرپور ۾ 7 ٻارڙا فوت: هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي سفارش

خيرپور ۾ 7 ٻارڙا فوت: هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي سفارش

سکر (بيورو رپورٽ) ڪمشنر سکر پاران سيڪريٽري صحت کي خط لکي ڇڏيو، خيرپور ۾ چيڪن پاڪس جهڙي پراسرار بيماريءَ جو حملو، 7 ٻارڙا فوت، ڪمشنر سکر پاران هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. خيرپور ضلعي ۾ چيڪن پاڪس (کڙپ) جهڙي هڪ خطرناڪ ۽ انفيڪشن واري بيماري تيزي سان پکڙجڻ سبب 7 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. جنهن کانپوءِ انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي. ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي پاران سيڪريٽري هيلٿ سنڌ کي لکيل خط ۾ ضلعي ۾ فوري طور تي هيلٿ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ۽ انفيڪشن کي روڪڻ لاءِ سخت قدمن جي سفارش ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته خيرپور ضلعي ۾ هن وقت تائين پراسرار بيماري جا 16 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان افسوسناڪ طور تي 7 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا آهن، متاثر ٿيندڙن ۾ اڪثريت نئين ڄاول ٻارن جي آهي. جڏهن ته انهن جي مائرن ۾ پڻ ساڳيون علامتون ظاهر ٿيون آهن. متاثر علائقن ۽ صحت جي مرڪزن ۾ فيوميگيشن (جراثيم ڪش اسپري) جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. معيار تي پورو نه لهندڙ هڪ نجي اسپتال کي سيل ڪيو ويو آهي. سمورن سرڪاري اسپتالن کي پي پي اي ڪٽس جي استعمال جي سخت هدايت ڪئي وئي آهي. صورتحال جي نگراني لاءِ هڪ رئپڊ رسپانس ٽيم جوڙي وئي آهي.