خيرپور: 13 سال اڳ اغوا ٿيل عورتون هٿ، وڪڻي پرڻائڻ جو انڪشاف، وارثن حوالي

ڊسمبر 22, 2024

خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي سماجي اڳواڻ شهناز شيخ 13 سال اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل عورت مسمات خيران ڌيءَ محمد عمر چانڊيو کي وارثن سان ملائي ڇڏيو، وومين ٿاڻي تي عورت سان ملڻ آيل ڀاءُ، مامو ۽ ٻيا وارث کيس ڀاڪر ۾ ڀري هنجون هاريندا رهيا. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ شهناز شيخ ٻڌايو ته 13 سال اڳ دولت پور جي ڳوٺ نواب ولي محمد اسٽيشن مان گهر کان دوا وٺڻ لاءِ نڪتل ڀينرن مسمات خيران ۽ مسمات شبانه چانڊيو کي معرفاڻي برادري جي جوابدارن طرفان اغوا ڪيو ويو هو، جنهن بعد مسمات خيران کي مارفاڻي برادري جي ماڻهن وٽ وڪرو ڪيو ويو، جڏهن ته مسمات شبانه کي شڪارپور ۾ وڪرو ڪيو ويو، ھن ٻڌايو ته ٻنهي ڀينرن جي وڪري بعد سندن شاديون ٿيون ۽ اُهي پاڻ ۾ رابطي ۾ رهنديون هيون، شبانه کي سندس مڙس طرفان ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جي ڪوشش جو اطلاع ملڻ بعد مسمات خيران شبانه کي دارالامان سکر وٺي آئي ۽ ٻئي ڀينرون اتي رهڻ لڳيون، ھن چيو ته بعد ۾ مسمات خيران مون وٽ آئي جنهن بعد مون سوشل ميڊيا تي وڊيو اسٽيٽس ڇڏيو ته مسمات خيران جي وارثن مون سان ۽ پوليس سان رابطو ڪيو اهڙي طرح مسمات خيران جي وارثن وومين ٿاڻي خيرپور پهچي مسمات خيران سان ملاقات ڪئي ۽ کيس وارثن حوالي ڪيو ويو.

پرڻيل عورت کي وڪڻي پرڻايو ويو، 3 ٻارن جو اولاد

خيرپور: اغوا وقت هڪ عورت جي پرڻيل هجڻ جو انڪشاف، وري کيس وڪرو ڪري شادي ڪرائي وئي جنهن مان کيس ٻار به ٿيا. سماجي اڳواڻ شهناز شيخ ٻڌايو ته مسمات خيران کي پهرئين مڙس مان هڪ ڌيءُ هئي جڏهن ته اغوا بعد کيس وڪرو ڪري پرڻايو ويو جنهن مان به کيس ٽن ٻارن جو اولاد آهي.

Leave A Comment