| خير ڪريو: ميڙ جهيڙيندڙ ڌرين وٽ پهتو، مانائتي موٽ |
راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ۾ ميلي دوران معمولي ڳالهه تان ٿيل قتل بعد بروھي جتوئي ۽ سولنگي ڌرين ۾ ٿيل تڪرار بعد مقتول توفيق جتوئي جي وارثن ڏانھن بروھي ڌر جي عبدالمالڪ بروھي ۽ محمد بروھي طرفان پاڪ ڪتاب سيد پير سردار وڏيرا سياسي سماجي مذھبي اڳواڻ ۽ سول سوسائٽي ميڙ ڪري ڳوٺ جلال جتوئي پھتا. وڏيرو سڪندر علي جوڻيجو.دستگير ڳورڙ ۽ پير بچل الدين سرھندي جتوئي ڌر سان مخاطب ٿيندي چيو ته پاڪ ڪتاب سيد پير ۽ معزز اوھان ڏانھن آيا آھن ته اوھان وڌيڪ جھيڙو نه ڪريو جيڪو نقصان ٿيو آھي ان جو ازالو ناممڪن آھي پر اوھان خير ڪيو ان موقعي تي عبدالحفيظ جتوئي ۽ ممتاز جتوئي ميڙ قافلي کي موٽ ڏيندي چيو ته بروھي اسان جا ويجھا ڀائر ھيا واقعو ٿي ويو آھي پر جيڪڏھن اھي فورن رابطي ۾ اچن ھا ته ايترو معامرو نه ٿئي پر وري به اسان پاڪ ڪتاب ۽ آيل معززين کي سٺي اميد رکڻ جي موٽ ڏيون ٿا ۽ اسان پاڻ ۾ صلاح مشوري بعد جواب ڏينداسين ۽ اھا خاطري ٿا ڪرايون ته اسان طرفان ڪابه اڳڀرائي نه ٿيندي جنھن سان علائقي جو امن خراب ٿئي ۽ قانون پنھنجو رستو پاڻ وٺندو.