ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) دائود فيملي ۽ پاڪستان جي اينگرو ڪمپني به آبدوز سانحي ۾ شهزاده دائود ۽ سندس پٽ سليمان دائود جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي
جاري ڪيل پڌرائين ۾ چيو ويو آهي ته جن به ماڻهن ڏکئي وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو ۽ دعائون گهريون انهن جا ٿورائتا آهيون، شهزادا دائود ۽ سليمان دائود جي آخري رسمن بابت جلد اعلان ڪيو ويندو
پيءُ سان گڏ فوت ٿيل سليمان دائود جي پڦي عَظمَي دائود جو چوڻ آهي ته سليمان پهرين سمنڊ ۾ وڃڻ لاءِ تيار نه هو، فادرز ڊي جو ڏهاڙو هئڻ سبب سليمان پنهنجي والد کي خوش ڪرڻ لاءِ آبدوز ۾ سوار ٿيو، منهنجي ڀائيٽي لاءِ ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي پيو هوندو، اهو سوچي منهنجو جيءُ جهري پوي ٿو