دائود ورسٽي جي ريسٽيڪيٽ شاگردن جي بحالي جو حڪم 

دائود ورسٽي جي ريسٽيڪيٽ شاگردن جي بحالي جو حڪم 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي 2 شاگردن جي داخلا رد ڪرڻ بابت حڪمن کي ڪالعدم قرار ڏيندي شاگردن جي داخلا بحال ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت شاگردن کي هدايت ڪئي ته اهي  حلف ناما جمع ڪرائين ته اهي ڪنهن به غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث نه ٿيندا،  عدالت چيو ته شاگردن ڪري يونيورسٽي ۾ امن امان جو ڪو به مسئلو پيدا نه ٿيڻ گهرجي, عدالت اڳ ۾ ئي شاگردن کي عبوري طور امتحانن ۾ شرڪت جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي، شاگردن جي وڪيل عثمان فاروق عدالت کي ٻڌايو ته 17 سيپٽمبر تي ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئرز 2 شاگردن عذير ۽ زوهيب جي داخلا رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جڏهن ته يونيورسٽي هڪٻئي شاگرد محمد ساجد جي داخلا ڇهن مهينن لاءِ معطل پڻ ڪئي هئي.