ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي انتظاميا پاران 12 شاگردن جون داخلائون رد ڪرڻ جو معاملو، متاثر شاگردن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي
عدالت درخواست تي فوري ٻڌڻي جي درخواست منظور ڪري ورتي، شاگرد درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسان کي شو ڪاز نوٽيس ڏيڻ کانسواءِ داخلائون رد ڪيون ويون آهن
شاگردن چيو ته 31 جولاءِ تي امتحان ورتا پيا وڃن، جيڪڏهن اسان امتحان نه ڏنو ته اسان جو مستقبل تباهه ٿي ويندو
درخواستگذارن عدالت کي استدعا ڪئي ته اسان جون داخلائون بحال ڪري اسان کي امتحان ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وڃي