دائود ڪٽنب جي ڪهاڻي!

جُون 23, 2023

 پاڪستان جي بزنيس ٽائيڪون دائود فيملي جي ٽين پيڙهيءَ جي فرد شهزاده دائود ۽ سندس 19 سالن جو پٽ سليمان دائود جڏهن هڪ نئين ايڊوينچر سان ڀريل سفر جي تياري ڪئي ته شايد ئي کين اندازو هوندو ته ڪو هي سفر سندن زندگيءَ جو آخري ثابت ٿيندو. اهو 18 جون جو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن دنيا ۾ “فادرس ڊي” ملهايو پئي ويو. سليمان دائود ان سفر کان خوفزده هو پر هو “فادرس ڊي” تي پيءُ کي خوش ڪرڻ لاءِ ان خطرناڪ سفر ۾ شريڪ ٿيو. اهو سفر هو هڪ صديءَ کان به وڌيڪ ايٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ٻڏل ٽائيٽينڪ جهاز جي ملبي ڏسڻ جو! ڪينيڊا مان شروع ٿيل ان آبدوزي سفر کي 2 ڪلاڪن اندر سمنڊ ۾ 4 هزار ميٽر هيٺ ٽائيٽينڪ جهاز جي ملبي تائين پهچڻو هو پر پوڻن ٻن ڪلاڪن کانپوءِ آبدوز جو زميني رابطو ڪٽجي ويو. مسلسل ڳولا بعد نيٺ ڪالهه اهو اعلان ڪيو ويو ته آبدوز ۾ سوار سمورا مسافر اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. شهزاده دائود اينگرو جو وائيس چيئرمين، دائود هرڪيولس گروپ جو ڊائريڪٽر ۽ برطانيا جي به شهريت رکندڙ ارب پتي پاڪستاني شخص هو. هو مشهور دائود فيملي جي ٽين پيڙهيءَ منجهان هو ۽ انهن ماڻهن مان هو،

جن تي دولت جي ديوي هميشه مهربان رهي آهي. شهزاده دائود تائين ايندي دائود فيملي جي مالياتي سلطنت جي سفر جي ڪهاڻي به دلچسپيءَ کان خالي ڪانهي. اچو ته هڪ نظر دائود فيملي جي انهيءَ سفر تي وجهون. اهو ايوب خان جو دور هو، جڏهن پلاننگ ڪميشن جي چيف اڪنامسٽ ڊاڪٽر محبوب الحق، جيڪو ضياءَ دور ۾ ناڻي وارو وزير پڻ رهيو، تنهن ڪراچيءَ ۾ پنهنجي اها مشهور تقرير ڪئي هئي، جنهن ۾ هن ملڪ جي 22 امير ترين خاندانن جو ذڪر ڪيو هو. انهن 22 خاندانن وٽ ملڪ جي صنعتي شعبي جا 66 سيڪڙو اثاثا، 70 سيڪڙو انشورنس جي مالڪي ۽ 80 سيڪڙو بينڪن جا اثاثا هئا. انهن خاندانن ۾ دائود گروپ، سهگل، آدمجي، وليڪا، جليلس، باواني، گنڌارا گروپ، هائوس آف حبيب، خيبر گروپ، نشاط گروپ، گل احمد گروپ ۽ ٻيا شامل هئا. هي اهو دور هو، جڏهن بينڪون انهن ئي صنعتڪارن کي وڏا وڏا قرض ڏينديون هيون، انهن کي ئي فيڪٽرين جا لائسنس ملندا هئا.

انهن خاندانن جي اڪثريت پنهنجي ڪاروبار جي شروعات واپار ۽ ايڪسپورٽ سان ڪئي. حبيب وارن پاڪستان جي پهرين ۽ سڀ کان وڏي بينڪ حبيب بينڪ جو بنياد وڌو، جڏهن ته آدمجي مسلم ڪمرشل بينڪ قائم ڪئي. دائود ايمپائر جو بنياد سيٺ احمد دائود وڌو هو، جنهن جو تعلق ڪاٺياواڙي ميمڻ گهراڻي سان هو. سندس وڏا به واپار جي ڪرت سان سلهاڙيل هئا. احمد دائود 15 ورهين جي عمر ۾ ئي پيءُ جي وفات کانپوءِ بمبئي اچي ڏاڏي جي نگراني ۾ ڪاروبار شروع ڪيو. لڳ ڀڳ 18 ورهين جي عمر ۾ هن جي شادي ٿي، جنهن مان کيس 2 پٽ عزيز دائود ۽ يوسف دائود ٿيا. ڏهن سالن کانپوءِ سندس گهر واري ڪينسر وگهي لاڏاڻو ڪري وئي ته هن ٻي شادي ڪئي، جنهن مان کيس حسين دائود ۽ امينا ٻائي پيدا ٿيا. احمد دائود مصالحن جي ڪاروبار ۾ نقصان کائڻ کانپوءِ ڪپهه ۽ سُٽ جو واپار شروع ڪيو. ڪجهه ئي عرصي ۾ ڀارت جي مختلف شهرن ۾ هن جون 26 آفيسون ۽ دڪان کلي ويا.

هو هڪ هندو صنعتڪار ناگن داس ڦول چند سان گڏجي مصنوعي ريشم جو پلانٽ لڳائڻ وارو هو ته ورهاڱو ٿي ويو. احمد دائود 1947ع ۾ پنهنجي ٽن ڀائرن سليمان، صديق ۽ علي محمد سان گڏ پاڪستان لڏي آيو ۽ ڪراچي جي پراڻي واپاري ڳڙهه نيو چالي ۾ دائود ڪارپوريشن لميٽيڊ جي نالي سان ڪاروبار جي شروعات ڪيائين. اهڙي ريت احمد دائود ڪپهه ۽ ڪپڙي کان ويندي گيهه، انشورنس، موٽرسائيڪل، اليڪٽرونڪس سميت کاڌي پيتي جي شين، سڻي ۽ ڪيميڪل سميت ڪيترن ئي شين جا اولهه ۽ اوڀر پاڪستان ۾ ڪارخانا لڳايا ۽ ملڪي سطح تي صنعتڪاري جو بي تاج بادشاهه بڻجي ويو. 1960ع ۾ هن دائود فائونڊيشن قائم ڪئي ۽ دائود ڪاليج آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي قائم ڪئي، جيڪا هينئر يونيورسٽي جو درجو ماڻي چڪي آهي. ايوب خان جي پوري دور ۾ انهن 22 ڪٽنبن جو ملڪ تي راڄ هو، سندن ڪاروبار ڦهلجندو پئي ويو پر ٻئي پاسي ملڪ ۾ غربت به پنهنجي عروج تي هئي. اوڀر پاڪستان جي ورهاڱي کانپوءِ جڏهن ذوالفقار ڀُٽي ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته هن جي نيشنلائيزيشن واري پاليسي انهن 22 خاندانن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي. ڪجهه ته هميشه لاءِ ملڪ جي ڪارپوريٽ نقشي تان ميسارجي ويا.

بنگلاديش اولهه پاڪستان ۾ رهندڙ صنعتڪارن جا 260 صنعتي يونٽ قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا، جن جو سڀ کان وڏو شڪار دائود ڪٽنب، آدم جي، اصفهاني، باواني ۽ ٻيا ٿيا. دائود ۽ سندس ڪٽنب جون جيڪي به فيڪٽريون ۽ ڪارخانا بنگلاديش ۾ هئا، جن ۾ ڪرنافلي پيپرس لميٽيڊ، ڪرنافلي ڪيميڪل، دائود جوٽ، دائود شپنگ ڪمپني سميت سندس ڪاروبار جو 66 سيڪڙو قومي تحويل ۾ ورتو ويو. هيڏانهن وري ذوالفقار ڀُٽي نيشنلائيزيشن جي پاليسي آندي، جن صنعتڪارن مزاحمت ڪئي تن کي گرفتار ڪيو ويو. بهرحال چون ٿا ته ان سموري عمل ۾ احمد دائود کي 2 ارب رپين جو نقصان پهتو، سندس منافعي بخش ڪاروبار دائود پيٽروليم ۽ سينٽرل لائيف انشورنس به قومي تحويل ۾ ورتا ويا. ان هوندي به دائود ڪٽنب وٽ دائود هرڪيوليس فرٽيلائيزر ۽ بوري والا، لارنس پور ۽ ڊلون ٽيڪسٽائيل جا يونٽ موجود رهيا. انهن 22 ڪٽنبن مان فينسي، وليڪا، مل والا، خيبر، بيڪو، هائيسنس گروپ هاڻ فقط تاريخ جو حصو بڻجي رهجي ويا، ڪيترائي پاڻ کي ان بحران مان بچائي ٻاهر ڪڍي آيا، جن ۾ دائود ڪٽنب به شامل هو. ڀُٽي صاحب جي نيشنلائيزيشن پاليسي ڪاروباري طبقي ۾ سندس خلاف جيڪا نفرت ڀري ڇڏي،

سا اڄ تائين قائم آهي. مشهور ڪالم نگار اردشير ڪائوسجي جيڪو شپنگ بزنيس ۾ هو ۽ ڀُٽي صاحب جي ڪارروائي جي زد ۾ آيو، تنهن کيس سڄي عمر معاف نه ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڀُٽي صاحب جي نيشنلائيزيشن واري پاليسي جي ملڪي معيشت تي اثرن جي حوالي سان گهٽ لکيو ويو آهي. هڪڙو ننڍڙو مثال وٺجي ته 1974ع ۾ پاڪستان وٽ 3 جهونا بحري جهاز هئا، پر جڏهن ڀٽو دور ۾ نيشنلائيزيشن بعد پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن وجود ۾ آئي ته بحري جهازن جو انگ 75 ٿي ويو. 1992ع ۾ جڏهن نواز شريف دور ۾ خانگي ڪمپنين کي لائسنس ڏيڻ شروع ڪيا ويا ته پي اين ايس سي وٽ جهازن جو انگ وڃي 25 بچيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته نواز شريف دور ۾ وري نيشنلائيزيشن پاليسي جي ابتڙ پرائيويٽائيزيشن پاليسي اختيار ڪئي وئي ۽ سرڪاري ادارا ڀڳڙن مٺ تي کپايا ويا. ان سموري دور ۾ ڪرپشن ڪيئن خود هڪ صنعت ٿي اڀري، تنهن تي وري ڪنهن ٻئي دفعي لکبو. هڪڙي مشهور چيني چوڻي آهي ته، “خانداني دولت ٽين پيڙهيءَ تائين نه رهندي آهي.” ان جي تشريح هينئن آهي ته ڏاڏو پنهنجي سڄي عمر هڪ مالياتي سلطنت ٺاهڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيندو آهي.

هو سادي کاڌ خوراڪ، سادا ڪپڙا پهري سڄي زندگي محنت ڪري دولت گڏ ڪندو آهي. هن جا پٽ پنهنجي پيءُ جي ورثي کي سنڀاليندا آهن ۽ ڀائر هوندي به ڪاروبار کي ڪنهن قدر مستحڪم رکندا آهن پر ٽين پيڙهي، جيڪا سئوٽن تي ٻڌل هوندي آهي، تن جو هڪٻئي سان پيار ۽ ڳانڍاپو نه هجڻ برابر هوندو آهي. پوءِ جهيڙا ۽ اختلاف جنم وٺندا آهن، نتيجي ۾ اها عظيم مالياتي سلطنت ٽڪرن ۾ ورهائجي ويندي آهي. ايئن به چيو ويندو آهي ته پهرين پيڙهي دولت گڏ ڪندي آهي، ٻي خرچ ڪندي آهي ۽ ٽين وٽ باقي ڪجهه نه بچندو آهي. پاڻ کي اهڙا ڪيترائي مثال ملي ويندا، جن ۾ خانداني دولت ٽئين پيڙهي تائين ايندي ايندي ذرا پرزا ٿي وئي. اهو ئي ڪجهه انهن 22 خاندانن مان ڪجهه خاندانن سان ٿيو، جن جو شيورليٽ گاڏين ۾ چڙهي ڪنهن وقت ڪراچي جي اڪيلي فائيو اسٽار هوٽل ڪولمبس ۾ اچڻ معمول هوندو هو، تن جا پوٽا ۽ پڙپوٽا آمريڪا ۽ يورپي ملڪن ۾ 9 کان 5 وڳي واري نوڪري ڪرڻ لڳا. جيتوڻيڪ دائود خاندان سان ايئن ته نه ٿيو پر ايترو ضرور ٿيو ته 80ع جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ اختلافن سبب ڀائرن احمد دائود کان راهون جدا ڪري ورتيون.

سليمان دائود ڊيسڪون گروپ سنڀاليو ته صديق دائود بي بي آر گروپ. جڏهن دائود 2002ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ته دائود هرڪيوليس گروپ کي سندس پٽ حسين دائود سنڀاليو. اهو دائود ڪٽنب لاءِ هڪ وڏو جهٽڪو هو، پر ان مان حسين دائود پاڻ سنڀاليو ۽ اينگرو جا شيئرز خريد ڪيا. حسين دائود جي اڳواڻي ۾ اينگرو بي پناهه ترقي ڪئي. 2000ع واري ڏهاڪي ۾ هڪ ارب ڊالر کان وڌيڪ جي لاڳت سان نئون يوريا ڀاڻ جو پلانٽ لڳايو ويو، 217 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ، اولپر کير، پاڪستان جو پهريون ايل اين جي ٽرمينل ۽ پوءِ 2 ارب ڊالر جي ڳري لاڳت سان ٿرڪول ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي. اها دائود هرڪيوليس ئي آهي، جنهن جو پيسا ڄڻيندڙ حب پاور ڪمپني ۾ مينيجمينٽ ڪنٽرول به آهي. بدنصيب آبدوز ۾ فوت ٿيل شهزاده دائود ان ئي حسين دائود جو پٽ هو، جنهن جو پيءُ احمد دائود ملڪي صنعتڪاري جو بي تاج بادشاهه ليکيو ويندو هو. انهيءَ ڪٽنب ڄڻ ته انهيءَ چيني چوڻيءَ کي رد ڪري ڇڏيو ته ٽين پيڙهي دولت جو منهن ڏسي نه سگهندي آهي. هو ڪالهه به ارب پتي هئا، اڄ به ارب پتي آهن.

Leave A Comment