دادلغاري ويجهو ارڙي ڦهلجي وئي، 2 معصوم ڀائر حياتي وڃائي ويٺا، ڪيترائي مبتلا
جنوري 20, 2025
دادلغاري (ن پ ا ) دادلغاري ويجهو ارڙي ڦهلجي وئي، 2 معصوم ڀائر حياتي وڃائي ويٺا، ڪيترائي مبتلا، خبر موجب دادلغاري ويجھو ڳوٺ غلام حيدر لغاري ۾ ڳوٺاڻي شفيق لغاري جا 2 ٻارڙا ارڙي وگھي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 2 سالن جو آيان علي ۽ 4 سالن جو ريحان علي شامل آھن، ڳوٺاڻي شفيق لغاري پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته ارڙي جي وبا اسان جي ڳوٺ سميت علائقي ۾ ڦهلجي چڪي آهي، جنهن ۾ منھنجا ٻه معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آھن ۽ ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا آھن، هن چيو ته صحت کاتي جي ضلعي آفيسرن کي اطلاع ڏيڻ باجود ٽيمون ناھن موڪليون ويون، هن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻي ارڙي تي ضابطو آندو وڃي.