| دادلغاري ۾ استاد جا قاتل پڪڙ ۾ نه آيا، وارثن کي ڌمڪيون |
دادلغاري (ن پ ا) دادلغاري ۾ ٽي مهينا گذرڻ باوجود قتل ٿيل خانگي اسڪول جي استاد علي اصغر پتافي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس وارثن عبدالجبار پتافي ۽ سليمان پتافي پنھنجي اخبار جي آفيس آڏو احتجاج ڪيو، عبدالجبار پتافي چيو ته استاد علي اصغر پتافي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جوابدار کين ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.