دادلغاري ۾ نرلي مائنر کي 20 فوٽ گھارو

جُولاءِ 4, 2025

داد لغاري (پنهنجي ڊيسڪ ) دادلغاري نرلي مائينر کي آر ڊي 74 وٽان 20 فٽ گھارو پئجي ويو آهي جنهن سبب ووڻ۽ ڪمند جو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو آهي، گهاري جي ڪري 40 ايڪڙ کان وڌيڪ پوکيل فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي.

آبپاشي عملدارن جو چوڻ آهي ته گهاري کي جلد بند ڪيو ويندو. جڏهن ته ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته نرلي مائينر جو پاڻي ڳوٺ نظر محمد لغاري طرف  وڌي پيو جنهن جي ڪري ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو آھي.

 ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور گهارو بند ڪري آبادگارن ۽ ڳوٺاڻن کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سکر جون 38 عمارتون زبون خطرناڪ قرار

  • جھڏو ۾ نصير ڇنڊڻ جي بحالي لاءِ آپريشن

  • دادو: ڍنڍ پار ڪندي پورهيت ڌيءُ سوڌوٻڏي فوت

  • وفاقي سرڪار پاران کنڊ جي درآمد لاءِ  ٽينڊر جاري