سنگ مرمر ۽ ٻي معدنيات ليز ڪرڻ جو اعلان: 27 جولاءِ تائين آڇون طلب

جُولاءِ 24, 2023

سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ جي معدنيات کاتي ڄامشوري، دادو، ٺٽو، ٿرپارڪر ۽ حيدرآباد ۾ سنگ مر مر (ماربل) ريتي بجري، واري، چن جو پٿر (لائيم اسٽون)، چيني مٽي (چائنا ڪلي)ڍنڍن جو لوڻ، سليڪا واري، لٽرائيٽ ۽ موريم جا 67 ٺيڪا 5 سالن لاءِ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي

 ان ڏس ۾ معدنيات کاتي جي ڊي جي لائسنسنگ اٿارٽي پاران ڏنل ٽينڊر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 27 جولاءِ تائين 67 ٺيڪن/ليزن لاءِ آڇون گھرايون ويون آهن، ڪامياب ليز هولڊرن کي 31 جولاءِ تائين ليزن جا پروانا ڏنا ويندا

جاري ٿيل ٽينڊر موجب دادو ضلعي ۾ 200 ايڪڙن تي ماربل جو ٺيڪو رڳو 25 لکن ۾ ڏيڻ جو ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته ڄامشوري ضلعي ۾ لٽرائيٽ، بجري، چُن جو پٿر، موريم، واري، ريتي بجري جا مختلف ٺيڪا ڏنا ويندا

ٺٽي ضلعي ۾ وري ريتي بجري، چن جو پٿر ليز ڪيا ويندا. ٿرپارڪر ۾ وري ڏيپلي جي سارڻن (ڍنڍن) جي  لوڻ توڙي چيني مٽيءَ جا ٺيڪا الاٽ ڪيا ويندا، حيدرآباد ضلعي ۾ گنجي ٽڪر ۾ موجود چُن جو پٿر پڻ ليز ڪيو ويندو

ٽينڊر موجب ريتي، بجري ۽ واريءَ جا ٺيڪا اڍائي کان 3 لکن ۾، چن جي پٿر جا ٺيڪا 10 لکن ۾، ڍنڍن جي لوڻ جا ٺيڪا 14 کان 16 لکن ۾، لٽرائيٽ جا ٺيڪا 3 کان 38 لکن ۾، موريم جو ٺيڪو رڳو اڍائي لکن ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ٽينڊر موجب 5 سالن جي ليز مڪمل ٿيڻ بعد انهيءَ ۾ وڌيڪ 5 سالن لاءِ واڌ به ڪري سگھجي ٿي

Leave A Comment