دادو اسپتال ۾ڳورهاري عورت فوت، غفلت جو الزام، ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي سخت مارڪٽ
نومبر 19, 2024
دادو ( رپورٽ : فتاح شيخ ) دادو ڊي ايچ ڪيو اسپتال جي گائني وارڊ ۾ ڳور هاري عورت فوت ٿيڻ بعد هنگامو ٿي پيو. مسمات سائره زال بشير ملاح کي اسپتال ۾ ويم لاءِ آندو ويو جيڪا فوت ٿي وئي، جنهن تي فوتي عورت جي وارثن پاران ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي عملي تي غفلت جو الزام هنيو ويو. ان موقعي تي فوتي عورت جي وارث مڇرجي پيا ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ڀڃ ڊاھ ڪندي دروازن جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا ۽ بيڊ ڀڃي ڇڏيا، روڪڻ تي فوتي عورت جي وارثن ڊاڪٽر مسعود ابڙو، ڊاڪٽر ساجد، نرسن ڪشش جمالي ۽ سائره جمالي کي سخت مارڪٽ ڪري زخمي ڪيو ويو، سيڪيورٽي گارڊن پاران روڪڻ تي مڇريل ماڻهن سيڪيورٽي گارڊن کي مارڪٽ ڪئي، فوتي عورت جا وارث اڌ ڪلاڪ تائين ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ ڀڃ ڊاھ ۽ ڊاڪٽرن، نرسن ، ملازمن تي تشدد ڪندا رهيا، جنهن سبب هر طرف دانهون ۽ رڙيون پئجي ويون ، اطلاع تي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پهتي ته فوتي عورت جي وارثن اهلڪارن وچ ۾ منهن ماري ۽ جهڙپن بعد جهيڙو ٿي پيو ، اهلڪارن مڇريل ماڻهن تي لٺ بازي ڪئي ته 3 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ته مڇريل ماڻهن ايس ايڇ او اعجاز مسڻ ، اي ايس آء منير ۽ ٻين اهلڪارن سان هٿئين پئجي ويا ۽ حراس ۾ ورتل ماڻهن کي ڇڏائي ورتو ، وارثن فوتي عورت جو لاش دادو شهر جي نجم ڪالوني کڻائي ويا. بعد ۾ فوتي عورت جي وارثن بشير ، قربان ۽ قمر ملاح جي اڳواڻي ۾ ٻرڙا شاخ وٽ دادو ، ڄامشورو انڊس هاء وي لاش رکي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي. مظاهرين انڊس هاء وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ٽريفڪ ڪري ڇڏي،سندن چوڻ هو ته ڳورهاري عورت سائره ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿي آهي، نجم ڪالوني جي فوت ٿيل ڳور هاري عورت سائره زال بشير ملاح جي وارثن ٻڌايو ته سائره کي ڊليوري لاء اسپتال کڻي آياسين جتي ڊاڪٽرن جي غفلت سبب فوت ٿي وئي آهي. ڊيوٽي ڊاڪٽرن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي ، ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو.