دادو اسپتال ۾ مبينا غلط انجيڪشن لڳڻ سبب نينگر فوت

جُون 30, 2025

دادو ( پنهنجي ڊيسڪ ) ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ مبينا طور غلط انجيڪشن لڳڻ سبب 15 سالن جو علي خان پٽ محمد ڇٽل سولنگي فوت ٿي ويو،  فوت ٿي ويل نينگر علي خان پنھنجي بيمار ماءُ کي ڏيکارڻ لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آيو ۽ پنھنجي طبعيت ڏيکاري ته کيس ڊرپ چاڙهي انجيڪشن هنئين ته کيس ري ايڪشن ٿيو،  نينگر جي ماءَ دانهون رڙيون ڪندي رهي ۽ سندس اکين آڏو پٽ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، ان موقعي تي فوتي نينگر جي امڙ مسمات مريم سولنگي جو چوڻ هو ته ڊرپ لڳائڻ شرط پٽ جي طبعيت خراب ٿي وئي  دانهون ڪندي رهيس پر ڪير به نه آيو، پٽ تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو آھي ، فوري طور تي  معاملي جي جاچ ڪرائي غفلت ڪندڙ ڊاڪٽر۽ اسٽاف خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي، ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته  اسان علي خان کي انجيڪشن ناھي هئين ، سندس طبي موت ٿيو آھي

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌوءَ ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ ، گڊو بيراج وٽ ننڍي ٻوڏ

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ