دادو اسپتال ۾ مريض فوت، وارثن ۽ ڊاڪٽرن ۾ جهيڙو، ڏنڊن ۽ سروٽن سان حملو، ڀڃ ڊاهه، هڪ گرفتار

دادو اسپتال ۾ مريض فوت، وارثن ۽ ڊاڪٽرن ۾ جهيڙو، ڏنڊن ۽ سروٽن سان حملو، ڀڃ ڊاهه، هڪ گرفتار

دادو (رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو ڊي ايڇ ڪيو اولڊ سول اسپتال دادو جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ريٽائرڊ پوليس جمعدار محمد اسلم ڀٽو جي فوتگي کانپوءِ وارثن ۽ ڊاڪٽرن ۾ جهيڙو ٿي پيو، فوتي جي پٽ آصف ڀٽو ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام هڻندي جذبات ۾ اچي ويو، ڊاڪٽر عمران سومرو ۽ عملي تي ڏنڊن ۽ سروٽن سان حملو ڪري شديد مارڪٽ ڪئي، ان دوران ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي وئي، ايمرجنسي وارڊ جا شيشا ٽٽي پيا ، تشدد ۾ ڊاڪٽر عمران سومرو جي ٻانهن ڀڄي پئي، جڏهن ته مٿي ۾ به سخت زخم آيو. اطلاع تي پوليس پهچي وئي، پوليس آصف ڀٽو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو ، جنهن کي ابتدائي طبي امداد بعد وڌيڪ علاج لاءِ سيوهڻ منتقل ڪيو ويو ، واقعي خلاف ڊاڪٽرن ۽ عملي طرفان سخت احتجاج ڪندي واقعي خلاف دهشتگردي جي قانون (اي ٽي سي) تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ڊاڪٽر عمران سومرو جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ فوتي اسلم ڀٽو جي پٽ آصف ڀٽو سان گڏ 6 نامعلوم ساٿين کي شامل ڪيو ويو، ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا آهن.