دادو: جهيڙي جو ڏوهه ثابت، 2 ڄڻن کي 5-5 سال قيد ۽ ڏنڊ

دادو: جهيڙي جو ڏوهه ثابت، 2 ڄڻن کي 5-5 سال قيد ۽ ڏنڊ

دادو (رپورٽر) دادو جي سيڪنڊ ايڊيشنل جج مير حسن ڪلهوڙو جي عدالت جهيڙي جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻن ڄڻن کي 5،5 سال قيد ۽ هڪ،هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عدالت جوابدار سنجر رستماڻي ۽ سومر خان رستماڻي کي 5،5 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ 6 مهينا وڌيڪ قيد ۾ رکيو ويندو ياد رهي ته ٻنهي جوابدارن مٿان ڊرگهھ بالا ٿاڻي تي فريادي ممتاز علي پاران جهيڙي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هيو، اڄ عدالت ۾ پيشي تي ٻنهي جوابدارن کي عدالت سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار دادو جيل منتقل ڪيو ويو آهي.