| دادو جي ليڊي هيلٿ ورڪر کي هٽائڻ خلاف عدالت وڃڻ جو چتاءُ |
خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) دادو هيلٿ کاتي جي اختيارين پاران ليڊي هيلٿ سپروائيزر نوربانو ملاح کي پوليو ڊيوٽي تان هٽائڻ واري عمل کي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن دادو ۽ تعلقا بار ايسوسيئيشن خيرپورناٿن شاه قانون جي لتاڙ قرار ڏئي ڇڏيو ۽ مناسب آئيني ۽ قانوني فورمز سان رجوع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ضلعي انتظاميا پاران هراسان ڪرڻ، غيرقانوني طور ڊيوٽين تان هٽائڻ جي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن دادو ۽ تعلقا بار ايسوسيئيشن خيرپورناٿن شاه ڌار ڌار مذمتي قراردادون منظور ڪري ورتيون. قراردادن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته غيرقانوني طور هٽايل ليڊي هيلٿ سپروائيزر نوربانو ملاح سميت سمورين ورڪرز کي فوري طور بحال ڪيو وڃي ۽ پوليو ورڪرز کي فوري سيڪيورٽي ڏني وڃي. قراردادن ۾ چيو ويو آهي ته بار ايسوسيئيشن پوليو مهم دوران ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ ضلعي جي انتظاميا طرفان ڪيل من ماني ۽ غير قانوني آمرانه قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، جن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي هراسان ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيڻ، خوفزده ڪرڻ ۽ مناسب سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ شامل آهي.ليڊي هيلٿ سپروائيزر مس نور بانو ملاح کي ڏنل ڌمڪيون ۽ بغير ڪنهن قانوني جواز جي ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پوليو ڊيوٽيءَ تان هٽائڻ، آئين جي کليل ڀڃڪڙي ۽ قانون جي حڪمراني جي اصولن جي لتاڙ آهن.ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن دادو ۽ تعلقا بار ايسوسيئيشن خيرپور ناٿن شاهه مطالبو ڪري ٿي ته هن معاملي جي فوري جاچ ڪرائي وڃي، متاثر ٿيل سمورين ليڊي هيلٿ ورڪرز کي بحال ڪيو وڃي ۽ پوليو مهم دوران مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾، تعلقا بار ايسوسيئيشن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن کي حق حاصل هوندو ته هو مناسب آئيني ۽ قانوني فورمن سان رجوع ڪري.