دادو (رپورٽر) لوڪل گورنمنٽ دادو جي، اي ڊي ايل جي پاران بجيٽ جا پيپر پيش نه ڪرڻ جو جواز ڄاڻي دادو، ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ جوهي تعلقن جي 66 يوسيز جا بئنڪ اڪائونٽ بند ڪرائي ڇڏيا آهن
اسلم چانڊيو، نصير ڀنڊ ۽ سرفراز ملڪاڻي ۽ ٻين يوسيز سيڪريٽري سخت احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته اسان بجيٽ ڪاپيون جمع ڪرايون آهن، پوءِ به يوسي اڪائونٽ بند ڪرائڻ سبب سمورو ڪار وهنوار متاثر ٿي رهيو آهي
يوٽلٽي بل جمع نه ڪرائڻ سبب نادرا سان ختم ٿيڻ ڪري فوتي، ڄم سرٽيفڪيٽ رڪجي ويا آهن
هنن مطالبو ڪيو ته دادو ضلعي جي 66 يوسيز جا اڪائونٽ کولرائي انصاف ڪيو وڃي