دادو سول اسپتال منتقلي ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ خلاف 26 ڪلاڪ ڌرڻو، هنگامو، 30 ڄڻن تي دهشتگردي ڪيس
ڊسمبر 18, 2024
دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ ليڊي گراهم سول اسپتال کي بند ڪرڻ، سالن کان 70 کان وڌيڪ ڊاڪٽر ڊيپوٽيشن تي هئڻ ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ خلاف عوامي فورم جي سڏ تي ڌرڻو جاري رهيو. عاشق حسين زئونر ، جي ايم پنهور ، محبوب لنڊ ، جبار ٻٻر، سرائي اڪبر پنهور جي اڳواڻي ۾ دادو جي باءِ پاس وٽ دادو، ڄامشورو، لاڙڪاڻو انڊس هاءِ وي تي 24 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪئي وئي. هوڏانهن ڌرڻو هڻڻ تي دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي سرڪاري فرياد تي عاشق حسين زئونر، جي ايم پنهور، شاهد زئونر، ضمير ڪوريجو، خادم چانڊيو، محبوب لنڊ، انور لغاري، محمد موريل پنهور، جبار ٻٻر سميت 30 سڃاتل ۽ 150اڻسڃاتل ماڻهن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪري ڌرڻي واري هنڌ تي وڏي تعداد ۾ ڏنڊن ، ڳوڙها گيس سان پوليس نفري مقرر ڪئي وئي، جنهن سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال پئيدا ٿي، جنهن تي عوامي فورم جي حمايت ۾ وڏي انگ ۾ عورتون گهرن مان ڏنڊا کڻي ڌرڻي واري پهچي ويا. هنن دانهيو ته جيڪڏهن پوليس ڪارروائي ڪئي ته اسان عورتون انهن جو ڏنڊن سان مقابلو ڪنديوسين پر شهر جي مسئلن تي جدوجهد ڪندڙ ڀائرن جو وار به ونگو ٿيڻ نه ڏينديوسين. ڊي سي دادو مختيار علي ابڙو ، ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي ڌرڻي واري هنڌ پهچي عوامي فورم جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون ، عوامي فورم جي اڳواڻن ڊي سي ۽ ايس ايس پي دادو سان شڪايت ڪئي ته ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ پر امن احتجاج ڪرڻ تي اسان جي مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر ڇو داخل ڪئي. هاڻي توهان سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون ، ڀلي اسان جي خلاف وڌيڪ ايف آءِ آر داخل ڪيو ، گوليون هلايو پر اسان ڌرڻو ختم نه ڪنداسين ، ڊي سي دادو پاران عوامي فورم جي اڳواڻن کي سندن مطالبا حل ڪرڻ لاء ڳالهيون ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، بعد ۾ عوامي فورم جي اڳواڻن ڊي سي آفيس پهچي ڊي سي ۽ ايس ايس پي دادو سان ڳالهيون ڪيون، ڊي سي دادو، وچ شهر ۾ ليڊي گراهم سول اسپتال کي ساڳئي حالت ۾ هلائڻ، سالن کان ڊيپوٽيشن ويل 70 کان وڌيڪ ڊاڪٽرن کي واپس ڪرڻ لاء ليٽر لکڻ ، سرجن ، فزيشن ، نڪ ، ڪن ، ڳلي سميت ماهر ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ، ايم ايس کي هٽائڻ ۽ ڊي ايچ ڪيو اسپتال ۾ ڀرٿي ملازم هٽائي ، اشتهار ڏيڻ کانپوءِ ميرٽ ڀرٿيون ڪرڻ جون خاطريون ڪرائڻ سان گڏ اڳواڻن خلاف داخل ايف آءِ آر ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن کانپوءِ انڊس هاءِ وي هنيل ڌرڻو 26 ڪلاڪن بعد ختم ڪيو ويو، عوامي فورم جي اڳواڻن عاشق زئونر ، خادم چانڊيو ، جبار ٻٻر ۽ ٻين ٻڌايو ته ڊي سي دادو مطالبن جي حل لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت گهري آهي، اسان سندس خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو آهي.
اديب رجب آزاد سولنگي تي به دهشتگردي ڪيس، 2 پٽ برطرف
دادو: عوامي فورم جي سڏ تي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ تي بي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ ادبي سنگت دادو جي اڳوڻي سيڪريٽري ، شاعر ، اديب ، سينيئر استاد رجب آزاد سولنگي جو پڻ نالو جوابدار طور شامل ڪيو ويو آهي ، رجب آزاد سولنگي جو چوڻ آهي ته ڊي ايچ ڪيو اسپتال مان سندس ٻن پٽن کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو ۽ منهنجو نالو جوابدار طور شامل ڪري ناانصافي جو مثال قائم ڪيو ويو آهي.
ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون، هزارين بسون، ٽرڪون، وينون ڦاسي پيون
دادو: دادو ۾باءِ پاس وٽ دادو ڄامشورو، لاڙڪاڻو انڊس هاءِ تي 26 ڪلاڪن تائين لڳل ڌرڻي سبب مسافر ڪوچن ، ٽرڪن ، ٽرالرن جون وڏيون قطارون لڳي ويون ، ڪوچن ۾ سوار مسافر مردن، عورتن، ٻارن کي سخت تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو.