دادو: شاهاڻي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار، ڳوٺن ۾ فائرنگ، وڌيڪ هڪ عورت ۽ نوجوان قتل
آگسٽ 13, 2024
دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو ڀرسان آچر جي ڏينهن ڳوٺ پانڌي سيال وٽ مظهر شاهاڻي کي قتل ۽ محمد نواز شاهاڻي کي زخمي ڪرڻ واري واقعي کانپوءِ شاهاڻي برادري جي ٻنهي ڌرين ۾ سومر جي رات کان رانجهاڻي شاهاڻي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ مورچا بند ٿيل هٿياربندن جي وچ ۾ فائرنگ دوران ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو ۾ ڊسپينسر جي سکيا وٺندڙ صابر پٽ لکمير ۽ مسمات عزت خاتون زال هدايت علي شاهاڻي قتل ٿي ويا، ٻنهي جا لاش دادو اسپتال آڻڻ بعد ضروري ڪاروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا، لاش پوليس جي پهري هيٺ ڳوٺ رانجهاڻي شاھاڻي پهچايا ويا، قتل ڪيل مسمات عزت خاتون ۽ نوجوان صابر شاهاڻي جي سونهارو شاهاڻي ۽ ٻين وارثن دانهيو ته مظهر شاهاڻي جي قتل ۽ محمد نواز جي زخمي ٿيڻ واري واقعي جي پلاند ۾ سندن عورت ۽ نوجوان کي قتل ڪيو ويو، ٻئي طرف فائرنگ ۾ شوڪت پٽ ايوب شاهاڻي ۽ زرعي زمين تي گاھ ڪندڙ ربنواز شاهاڻي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، جن مان شوڪت شاهاڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڌرين ۾ جديد هٿيارن سان هلندڙ فائرنگ سبب ڳوٺ بيلو، بختيار، رانجهاڻي شاهاڻي، اسماعيل جا ڀاڻ ميدان جنگ بڻجي ويا آهن، علائقي جا 20 وڌيڪ ڳوٺن جا رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن ۽ علائقي ۾ خوف ۽ حراس واري لهر ڇائجي وئي، آخري اطلاعن تائين ڌرين جي مورچا بند ٿيل هٿياربندن فائرنگ جو سلسلو هلندڙ آهي .
دادو: هٿياربندن جي پوليس تي به سڌي فائرنگ
دادو: موندر ڀرسان شاهاڻي برادري جي ڌرين ۾ خوني جهيڙي دوران موندر ۽ اسماعيل جا ڀاڻ پوليس اٽالا عورت ۽ نوجوان جي قتل جي اطلاع تي ڳوٺ رانجهاڻي شاهاڻي وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن پوليس تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن بعد پوليس اٽالا واپس موندر ٿاڻي تي موٽي آيا.
دادو: ڌرين ۾ جهيڙي سبب موندر شهر ٻن ڏينهن کان مڪمل طور بند
دادو: شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ باگڙي عورت سان ريپ ۽ زمين جي معاملي تان هلندڙ خوني جهيڙي دوران 3 ڄڻن جي قتل واقعي کانپوءِ خوف سبب موندر شهر ۾ دڪان بند ٿي ويا.
دادو: مظهر شاهاڻي ۽ صابر شاهاڻي جي قتل جا ڌار ڌار ڪيس داخل
دادو: هٿياربند جي فائرنگ ۾ قتل ڪيل مظهر شاهاڻي جي واقعي جي ايف آءِ آر اي سيڪشن ٿاڻي دادو تي سندس ڀاءُ علي افضل شاهاڻي جي فرياد تي خادم حسين، عطا محمد، اظهر، فداحسين، فهد علي، حمزو، مٺل ۽ شهزاد شاهاڻي سميت 11 ڄڻن خلاف داخل ڪئي وئي، رانجهاڻي پاڙي جي قتل ٿيل صابر شاهاڻي جي قتل واقعي جي ايف آءِ آر موندر ٿاڻي تي سندس ڀاءُ جي فرياد تي هاشم، بيلو، الطاف، مشتاق، نظام شاهاڻي سميت 12 ڄڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، قتل ڪيل مظهر شاهاڻي جي موندر شهر جي ڀرسان قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، صابر شاهاڻي جي رانجهاڻي شاهاڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي ۽ مسمات عزت خاتون جي ڳوٺ بختيار شاهاڻي ڀرسان قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي.
دادو: 10کان وڌيڪ ٿاڻن جي پوليس اٽالن جو رانجهاڻي پاڙي کي ڪڙو
دادو: ايس ايس پي دادو جي هدايتن تي ميهڙ جي اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي نفري، دادو جي اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي نفري، رڪڻ، ڪي اين شاھه، ڪڪڙ، مخدوم بلاول ۽ ٻين ٿاڻن جي وڏن اٽالن شاهاڻي برادري جي رانجهاڻي پاڙي جو ڪڙو چاڙهي تلاشي ورتي پر پوليس کي موقعي تان ڪو به هٿيار بند هٿ نه آيو، پوليس اٽالا واپس موندر ٿاڻي تي پهتا ته ڌرين ۾ ٻيهر فائرنگ شروع ٿي وئي.