دادو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ لاءِ رفيق جمالي ۽ پير مجيب ۾ تڪرار

مَي 26, 2023

دادو ( رپورٽ: فتاح شيخ)دادو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ پ پ جا 2 اهم اڳواڻ  سعيد احمد جمالي ۽ سيد محمد شاهه آمهون سامهون اچي ويا آهن

پ پ جي ويجهن ذريعن موجب دادو ميونسپل چيئرمين لاء هڪ ڀيرو ٻيهر پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي ۽ پ پ ايم پي اي پير مجيب الحق ۾ تڪرار تيز ٿي ويو آهي

هي به پڙهندا

 ذريعن جو چوڻ آهي ته دادو ضلع ڪائونسل چيئرمين لاءِ اڳوڻي ايم پي اي سيد محمد شاھه ۽ ايم اين اي رفيق احمد جمالي جي ڀاءُ سعيد احمد جمالي درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهن

 ذريعن موجب پ پ ضلع دادو جي چونڊيل نمائندن جي اڪثريت پاران ضلع ڪائونسل چيئرمين لاءِ سيد محمد شاھ جي حمايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته پ پ ايم ايم اين رفيق احمد جمالي پنهنجي ڀاءُ سعيد احمد جمالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي

ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پارٽي اليڪشن بورڊ سيد محمد شاھ جو نالو فائنل ڪيو آهي پر ضلعي اندر جمالي ۽ سيد برادري جي سياسي رساڪشي سبب اڃا کيس پارٽي ٽڪيٽ جاري ناهي ڪئي وئي

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول