دادو(رپورٽ: فتاح شيخ) دادو ضلي ۾ ارڙي جي وبا تي ضابطو نه آيو، ماءُ ڌيءُ سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، صحت کاتو اگهور ننڊ ۾ ستل آهي
ڪاڇي جي يوسي ٽوڙ جي ڳوٺ ڇٽي جي ڪنڊ ۾ 30 سالن جي ڇٽي زال لشڪران آلکاڻي ، سندس 12 مهينن جي ڌيء حسينا ، 3 سالن جو خميسو پٽ مختيار آلکاڻي ۽ سندس 12 مهينن جي ڀيڻ مهناز ارڙي وگهي فوت ٿي ويا
ڳوٺ ڇٽي جي ڪنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ ڪيترائي ماڻهو ارڙي ۾ مبتلا هجڻ سبب خوف وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي جڏهن ته صحت کاتي جون ٽيمون اڃا تائين نه پهتيون آهن جنهن سبب وڌيڪ فوتگين جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي
ڳوٺاڻن ۽ صحت کاتي جي ملازمن جي نشاندهي تي صحت کاتي حيدرآباد جي ڊائريڪٽر ارڙي ۾ 4 ڄڻن جي فوت ٿيڻ واري واقعي بابت ڊي ايڇ او دادو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي
ڊي جي هيلٿ، پي پي ايڇ آءِ جي ڊائريڪٽر ۽ مئنيجر کي ارڙي ۾ متاثر ڳوٺن ۾ ٽيمون موڪلڻ لاءِ ليٽر موڪلي ڏنو آهي
ٻئي طرف پنهنجي اخبار سان رابطي ڪرڻ تي ڳالهائيندي ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر شاهد شيخ چيو آهي ته ڊي جي هيلٿ جي هدايتن تي ڊاڪٽر ۽ ويڪسينيشن اسٽاف موڪليو آهي اهي واپس ناهن ٿيا ڇاڪاڻ ته ڳوٺ ڇٽي جي ڪنڊ نئين گاج جي منڍ ۽ جابلو علائقي ۾ آهي