دادو ضلعي ۾ 2 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر، سوا لک ٻارڙا جبري پورهيي تي مجبور

  دادو ضلعي ۾ 2 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر، سوا لک ٻارڙا جبري پورهيي تي مجبور

دادو(رپورٽر) 20 نومبر ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان دادو ۾ سماجي تنظيم چائلڊ رائيٽس ڪاميٽي پاران دادو جي استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جي هال ۾ ٻارڙنجا مسئلا ٻارڙن جي زباني عنوان هيٺ تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ ريجنل ڊائريڪٽر محتسب سيد امداد علي شاهه، ڊي اي او پرائمري لياقت علي نائچ، سيد صدف علي شاهه، ٽي اي او نياز الاهي ابڙو، اعجاز رسول شاهه، پروفيسر محمد عرفان ڪلهوو، پ ٽ الف اڳواڻ عنايت علي جمالي، سماجي اڳواڻ معشوق برهماڻي، محمد بخش ڪورائي، نياز چانڊيو، ساجد مستوئي، دانش خشڪ سميت وڏي انگ ۾ استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سماجي تنظيم جي اڳواڻن انڪشاف ڪندي چيو ته دادو ضلعي ۾ 2 لک کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن، سوا لک کان وڌيڪ ٻار جبري پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، 8 سالن کان ليبر کاتي جي َآفيس کي تالا لڳل هجڻ سبب جبري پورهيو وٺندڙن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي سالياني 20 ڪروڙ بجيٽ ضلعي سطح تي منتقل نه ٿي ٿئي، جنهن سبب ڪيترن ئي سالن کان ڪروڙين رپيا ليپس ٿي وڃن ٿا، دادو ۾ ٻارن جي تحفظ لاءِ قائم ٿيل يونٽ جي گاڏي ڪراچي منتقل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته صرف هڪ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر مقرر آهي سندس ڪوبه عملو مقرر نه ٿي سگهيو آهي، ٻارڙن سان جنسي تشدد جي واقعن ۾ هن سال واڌ ٿي آهي، 10 کان وڌيڪ ٻارڙن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته جنسي زيادتي دوران ٻن ٻارڙن کي قتل پڻ ڪيو ويو، پوليس جي جاچ ۽ ميڊيڪل، ڊي اين اي رپورٽس ۾ روايتي سستي ۽ دير ٿيڻ سبب ڪنهن به جوابدار کي اڃا تائين سزا نه ملي سگهي آهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ٻارڙن جي حقن لاءِ جوڙيل قانونن تي سختي سان عمل ڪرائي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي جي بجيٽ ضلعي سطح تي منتقل ڪري يونٽ جي گاڏي واپس ڪري دادو ضلعي جي ٻارڙن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته اسڪولي ٻارڙن ٽيبولز ۽ تقريرن ذريعي چائلڊ ليبر ۽ چائلڊ ميريج جي روڪٿام ۽ آرٽيڪل 25 اي تحت تعليم ٻار جو بنيادي حق سميت ٻين مسئلن جي نشاندهي ڪئي.