دادو ضلع ڪائونسل جي آمدني، دڪانن ۽ پلاٽن جي مسواڙ وڌائڻ لاءِ ڪاميٽي قائم

آڪٽوبر 19, 2023

دادو ( رپورٽر ) ضلع ڪائونسل دادو جو اجلاس چيئرمين محمد شاھ جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ رحمت الله لنڊ، وسيم اختر، حسينا لغاري، عبدالرحمان چانڊيو ، نظير لغاري ، اختر خان ڏيرو ، شهزاد ڀنڊ ، سهيل احمد لاکير ۽ ٻين ميمبرن بدامني ، زرعي ڀاڻ ۽ دوائون مقرر قيمت کان وڌيڪ قيمت ۾ وڪرو ڪرڻ، بجلي ، گئس جي بدترين لوڊ شيڊنگ ، منشيات جي وڪري ۽ ڪاڇي جي جابلو پٽي مان بااثر ماڻهن پاران جبلن مان ريتي، بجري ۽ قيمتي پٿر ڪڍرائي رهيا آهن ، ان جي مالڪي ڪرڻ ۽ تيل گئس دريافت ڪندڙ ڪمپنين کان شيئر وٺڻ جون رٿون پيش ڪيون ويون آهن

 ميمبرن پاران ڪي اين شاھ ، جوهي جي ڳوٺن ۾ ٻوڏ دوران اسڪولن جي عمارتن کي نقصان رسيو ، روز چاپڙ ڪرڻ جا واقعا پيش اچڻ خلاف ۽ ٻوڏ متاثرن کي گهرن ٺهرائڻ لاء منظور ڪيل پئيسا نه ملڻ ۽ ٿرديپ پاران رقم ڏيڻ لاء رشوت وٺڻ واريون رٿون پڻ بحال ڪيون ويون آهن

 اجلاس دوران فلسطينن جي قتل عام جو مذمتي ٺهراء بحال ڪرڻ سان گڏ افغانين سميت غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ جو ٺهراء پاس ڪيو ويو

 اجلاس ۾ پ پ ضلع دادو جي صدر رفيق احمد جمالي ۽ اڳوڻي ايم پي اي ، ليڊيز ونگ حدرآباد ڊويزن جي صدر ڪلثوم چانڊيو خصوصي شرڪت ڪئي

Leave A Comment