| دادو مان آءِ بي اي شاگرد گم، وارثن جو برو حال |
دادو (رپورٽر) دادو جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ماروي ڪالوني مان آءِ بي اي ڪاليج جو شاگرد آصف علي شاھاڻي گذريل 9 ڏينهن کان مبينا طور لاپتہ آهي، جنهن سبب وارثن ۾ سخت پريشاني پکڙيل آهي. لاپته نوجوان جي وارثن موجب آصف علي شاھاڻي اوچتو گهر مان نڪري ويو، جنهن کانپوءِ هن جو ڪوبه پتو پئجي نه سگهيو آهي. ڪيترن ئي ڏينهن گذرڻ باوجود آصف جي واپسي يا ڪنهن به قسم جي معلومات نه ملي سگهي آهي وارثن طرفان دادو اي سيڪشن ٿاڻي تي گمشدگي بابت اين سي داخل ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته لاپتہ نوجوان جي والد محمد شريف شاھاڻي جو چوڻ آهي ته پٽ جي ڳولا لاءِ پوليس کي بار بار آگاهه ڪرڻ باوجود به ڪا سنجيده ڪارروائي نظر نٿي اچي ، معاملي جو فوري نوٽيس وٺي لاپتہ نوجوان جي بازيابي لاءِ ترت ۽ سنجيده قدم کنيا وڃن.