Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_0g2hne7ji2a7fccuduun56h9so, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
دادو مان جنريٽر چوري جو ڪلثوم چانڊيو جي ڀاءُ تي الزام: سوشل ميڊيا تي ردعمل ... - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar دادو مان جنريٽر چوري جو ڪلثوم چانڊيو جي ڀاءُ تي الزام: سوشل ميڊيا تي ردعمل ... - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

دادو مان جنريٽر چوري جو ڪلثوم چانڊيو جي ڀاءُ تي الزام: سوشل ميڊيا تي ردعمل …

دادو جي پي سي بي گرائونڊ تان 9 آڪٽوبر تي 65 ڪي وي جي هيوي جنريٽر جي چوري واري ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي ڀاءُ جو نالو سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي عوام پاران ردعمل ظاهر ڪيو ويو، سوشل ميڊيا تي پي پي ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي ڀاءُ پرويز چانڊيو جي تصويرن سان گڏ پوليس پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ به سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پ پ ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي ڀاءُ ۽ اسٽيٽيڪل کاتي ۾ 19 گريڊ جي آفيسر پرويز چانڊيو جو نالو سوشل ميڊيا تي جنريٽر چوري ڪرڻ يا ڪرائڻ واري طور کنيو پيو وڃي، انهي ڪيس ۾ ڪو اکين ڏٺو شاهد بيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ان حوالي سان نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ادي ڪلثوم چانڊيو دادو واسين اهڙو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو جنٽريٽر به چوري ڪيو ويو، اوهان عوامي ماڻهو آهيو، پنهنجي ڀاءُ کي عوامي عدالت ۾ پيش ڪريو، هن مٿان جنريٽر چوري جو الزام آهي، اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي حفيظ اسلم لکيو ته جنهن به جنريٽر چوري ڪيو آهي ان کي سزا ملڻ گهرجي، واجد لغاري لکيو ته اسان وٽ جنريٽرن جو ڊيزل به ڀوتارن جي بنگلن تي ويندو آهي، حميرا شمس شيخ لکيو ته جنريٽر هڪڙا چوري ٿا ڪن ۽ مذمتون ٻين خلاف ٿي رهيون آهن، رستم سومرو لکيو ته سنڌ ۾ جنريٽر چور کوڙ آهن، هر اسپتال، ميونسپل جي گندي پاڻي نيڪال ۾ استعمال ٿيندڙ جنريٽر وڏيرن جي اوطاقن تي آهن، عبدالحفيظ زئنور لکيو ته دادو وارن سان وڏي حالت آهي، سعيد منڱريو لکيو ته ان رپورٽ ۾ واضح لکيل آهي ته پرويز چانڊيو جي چوري ۾ ملوث هجڻ جو ڪو به اکين ڏٺو شاهد ناهي مليو نه ئي ڪو شاهدي لاءِ تيار آهي مطلب چوري جي ڪا تصديق ڪونهي، آصف ايچ ساريو لکيو ته اها ته ڪا ڳالهه ناهي، مجيب الرحمان لکيو ته هاڻي جنريٽر جي چوري تي چيو ويندو ته سياسي ڪيس ڪن ٿا، غلام مرتضيٰ شيخ لکيو ته سنڌ کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو آهي، رسول بخش لکيو ته ان ۾ ڪلثوم چانڊيو جو ڪهڙو ڏوهه آهي، جنهن ڪيو آهي اهو ئي ڀوڳيندو، دلشاد ڀٽو لکيو ته پوليس، انتظاميا، صحافين کي سڄي خبر آهي ته جنريٽر کڻي ڪٿي رکيو ويو، بعد نثار کوکر هڪ ٻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پرويز چانڊيو وضاحت ڪندي چيو آهي ته آئون 19هين گريڊ جو آفيسر آهيان، دادو ۾ ڪرڪيٽ جي سرپرستي ڪندو آهيان اهڙي حرڪت جو سوچي به نٿو سگهان، 50 هزار ماهوار پنهنجي کيسي مان ڪرڪيٽ ڪلبس تي خرچ ڪندو آهيان، آئون ڪيئن جنريٽر چوري ڪندس يا چوري ڪرائيندس.

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *