| دادو واسي استاد سنڌو ۾ ٽپو ڏئي انت آندو |
مورو (ن پ ا) موري ڀرسان ڪورائي ٿاڻي جي حد ۾ سنڌوءَ درياءَ مان دادو واسي استاد جو لاش ھٿ آيو، جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان فوتي جي دادو جي پاڙي غريب آباد جي رھواسي استاد منصور علي ولد محمد موسيٰ جمالي طور ڪئي وئي، فوتي جي وڏي ڀاءُ آفتاب جمالي ٻڌايو ته منصور استاد ھو، جنھن جو ذھني علاج ھلندڙ ھو، هن پل تان ٽپو ڏئي خودڪشيءَ ڪئي آھي. لاش گھر پھچڻ تي گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو.