دادو ويجهو جيءُ جهوريندڙ واقعو: معصوم ڀاءُ ڀيڻ سوڌو 3 ٻارڙا سڙي فوت، والدين زخمي

دادو ويجهو جيءُ جهوريندڙ واقعو: معصوم ڀاءُ ڀيڻ سوڌو 3 ٻارڙا سڙي فوت، والدين زخمي

دادو (رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو ويجهو ڪچي واري علائقي درگاهه ملڪاڻي شريف ڀرسان جهلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ غازي خان جمالي ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، گهر کي باهه لڳڻ ڀاءُ ۽ ڀيڻ سوڌو 3 ٻارڙا سڙي فوت ٿي ويا، فوتي ٻن ٻارن جو پيءُ ماءُ ۽ هڪ ٻار سڙي زخمي ٿي پيا. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪچري کي لڳل باهه مان چڻنگ اٿڻ سبب سڄي گهر کي باهه لڳي وئي، هاري صاحب خان آلکاڻي جي گهر کي باھه لڳڻ وقت گهر اندر عورتون، مرد ۽ ٻارڙا موجود هئا، والدين ٻارڙن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ به سخت سڙي زخمي ٿي پيا. 7 ورهين جو حنيف ۽ سندس 5 ورهين جي ڀيڻ فرزانه ٿڏي تي سڙي فوت ٿي ويا، سندن سئوٽ سڙي زخمي ٿيل 7 ورهين جي شاهزيب کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي نيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو. جڏهن ته گهر ڌڻي صاحب خان آلکاڻي سندس گهر واري ضميره آلکاڻي ۽ ٻارڙو محمد حبيب سڙي زخمي ٿي پيا، زخمين کي پهرين ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو، جتي برنس وارڊ جي سهولت نه هجڻ سبب ڊاڪٽرن پاران ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.
 

علائقي واسين پاران باهه وسائڻ جي ڪوشش، فائربرگيڊ 5 ڪلاڪ دير پهتي

دادو: علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت باھه وسائڻ ۽ ڦاٿل ماڻهن کي بچائڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون، جڏهن ته ريسڪيو ۽ فائر برگيڊ کي اطلاع ڏيڻ باوجود فوري طور تي ڪا به ايمرجنسي سروس نه پهتي. رڳو ايمبولينسون زخمين کي کڻڻ لاءِ پهتيون، فائر برگيڊ عملو واقعي کان 4 کان 5 ڪلاڪ دير سان پهتو، ان وقت تائين فوتين جي تدفين به ڪئي وئي هئي، فائر برگيڊ عملي دير سان پهچڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته کين باھه جو اطلاع وقت سر نه ملي سگهيو، جنهن ڪري دير ٿي. عملي موجب جيڪو ٿيڻو هو سو ٿي ويو، اسان کي حڪم دير سان مليا، جنهن بعد اسان پهتاسين. بعد ۾ عملي پاران سڙي ويل گهر مٿان پاڻي هاري واپس روانو ٿي ويا، واقعي واري هنڌ تي پوليس پڻ دير سان پهتي، جنهن تي علائقي واسين پاران سخت ڪاوڙ ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. رهواسين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن وقت سر ريسڪيو ۽ فائر برگيڊ پهچي ها ته ايترو جاني ۽ مالي نقصان نه ٿئي ها.
 

واقعي بعد سڄي علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل
 

دادو: واقعي بعد سڄي علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل آهي، جڏهن ته فوت ٿيل معصوم ٻارڙن جي تدفين ڪئي وئي. وارثن ۽ علائقي جي ماڻهن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ايمرجنسي سروسز جي دير سان پهچڻ جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثر خاندان جي مالي مدد ڪئي وڃي. چئيرمين زندگي ڊولپيمنٽ آرگنائيزيشن محمد بخش ڪورائي، سماجي اڳواڻ عبدالحميد ميمڻ ۽ ٻين واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، هنن چيو ته دادو ۾ ڪجهھ سال اڳ پڻ اهڙي باھه واقعي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون، ضلعي ۾ هن وقت تائين برن وارڊ نه ملي سگهيو آهي، نه ئي ايمرجنسي  ۾ ريسڪيو اسٽينڊ بائي موجود هجي ٿي.
 

گهر ۾ موجود رڍون ۽ ٻڪريون به سڙي مري ويون
 

دادو: باهه سبب گهر ۾ موجود رڍون ۽ ٻڪريون پڻ سڙي مري ويون. سڙي ويل ڍورن جو انگ لڳ ڀڳ 30 ٻڌايو پيو وڃي.