دادو ويجهو گهرو اڻبڻت تان ناري کيرپياڪ ڌي سميت سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، هڪ لاش هٿ

دادو ويجهو گهرو اڻبڻت تان ناري کيرپياڪ ڌي سميت سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، هڪ لاش هٿ

دادو (رپورٽر) دادو ويجهو گهرو اڻبڻت تان ناري کيرپياڪ ڌي سميت سنڌوءَ درياءَ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، عورت جو لاش هٿ آيو، جڏهن ته معصوم نينگريءَ جي لاش جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. ڪچي واري علائقي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، ڳوٺاڻن درياهه ۾ ترندڙ لاش ڏسي اميناڻي پوليس کي اطلاع ڏنو، ڳوٺاڻن درياهه ۾ ترندڙ لاش ڏسي اميناڻي پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي. پوليس موجب لاش لڳ ڀڳ هڪ ڏينهن پراڻو هو ۽ شڪ ظاهر ڪيو ويو ته اهو درياهه جي وهڪري سان نوشهروفيروز ضلعي جي حدن مان لڙهي اچي اميناڻي واري علائقي ۾ پهتو آهي,بعد ۾ جاچ دوران معلوم ٿيو ته فوتي عورت جي سڃاڻپ بختاور زال بشير طور ٿي آهي. ذريعن موجب بختاور مبينا طور گهرو اڻبڻت ۽ خانداني تڪرارن کان تنگ اچي پنهنجي پنج مهينن جي کير پياڪ ٻارڙي سميت ڪيٽي جتوئي ڀرسان درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو, اميناڻي پوليس موجب لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو منتقل ڪيو پيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي سڀني رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ وڌيڪ حقيقتون سامهون اچڻ بعد قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي