دادو پوليس ۾ خراب ڪارڪردگي تي ايس ايچ او ۽ ڊيوٽي آفيسر برطرف، 2 عملدار معطل، ڪيترن کي شوڪاز

دادو پوليس ۾ خراب ڪارڪردگي تي ايس ايچ او ۽ ڊيوٽي آفيسر برطرف، 2 عملدار معطل، ڪيترن کي شوڪاز

دادو(رپورٽ: ڪامران ڪورائي) ايس ايس پي دادو خراب ڪارڪردگي ثابت ٿيڻ تي هڪ ايس ايڇ او، هڪ ڊيوٽي آفيسر سميت وڏي منڇي کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊيوٽي ۾ غفلت ۽ لاپرواهي سبب وڌيڪ هڪ ايس ايڇ او سميت ٻه آفيسر معطل ڪيا ويا آهن، ۽ ڪيترن ئي پوليس عملدارن کي شوڪاز نوٽس جاري ڪيا ويا آهن ترجمان ايس ايس پي موجب جهلو ٿاڻي جي ايس ايڇ او خليل الرحمان کي معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڦلجي ٿاڻي جي ايس ايڇ او حضور بخش هنگورو، اي ايس آءِ امتياز ڀنڊ ۽ محرر نور محمد کي ملازمت مان برطرف ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه، انسپيڪٽر عبدالوهاب عباسي کي مسلسل غير حاضر رهڻ سبب معطل ڪيو ويو آهي ايس ايس پي دادو پاران غير تسلي بخش ڪارڪردگي تي ايس ايڇ ٻورڙي، ايس ايڇ او ٿرڙي ۽ ٻين آفيسرن کي پڻ شوڪاز نوٽس جاري ڪندي سخت هدايتون ڏنيون ويون آهن ته پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائين، ٻي صورت ۾ وڌيڪ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ٻئي طرف، بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ پوليس آفيسرن کي ساراهيندي ايس ايس پي دادو سي آء اي انچارج بينظير جمالي سميت ٽن ايس ايڇ اوز کي تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.